اقبال جي فڪر اڄ به قومي تعمير، فڪري بيداري ۽ اجتماعي شعور جوڙڻ ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي: اورنگزيب خان کچي

راولپنڊي-18 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وفاقي وزير اورنگزيب کچي چيو آهي ته اقبال جي فڪر اڄ به قومي تعمير، فڪري بيداري ۽ اجتماعي شعور جوڙڻ ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي. اهڙو اظهار هن اداره فروع قومي زبان ۽ نجي بئنڪ لميٽيڊ جي سهڪار سان رٿيل هڪ ڏينهن واري قومي ڪانفرنس ”فڪرِ اقبال: موجوده دؤر ۾ ضرورت ۽ اهميت“ جي حوالي سان صدارتي خطاب ڪندي …

راولپنڊي-18 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وفاقي وزير اورنگزيب کچي چيو آهي ته اقبال جي فڪر اڄ به قومي تعمير، فڪري بيداري ۽ اجتماعي شعور جوڙڻ ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي. اهڙو اظهار هن اداره فروع قومي زبان ۽ نجي بئنڪ لميٽيڊ جي سهڪار سان رٿيل هڪ ڏينهن واري قومي ڪانفرنس ”فڪرِ اقبال: موجوده دؤر ۾ ضرورت ۽ اهميت“ جي حوالي سان صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اقبال جو فڪر صرف هڪ ادبي يا فلسفاڻي ڳالهه ناهي پر هڪ گهڻ رُخي فڪري نظام آهي جيڪو ماڻهو، معاشري ۽ رياست ٽنهي سطحن تي رهنمائي فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي نئين نسل کي اقبال جي فڪر سان روشناس ڪرائڻ جي ضرورت آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙيءَ طرح جا قومي پروگرام ۽ مڪالما ٿيڻ گهرجن. پاڪستان ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم پنهنجي خطاب ۾ اقبال کي عالمِ اسلام جي گڏيل فڪري ميراث قرار ڏيندي چيو ته اقبال جي شاعري ۽ فڪر مسلم دنيا ۾ فڪري بيداري ۽ روحانيت جو سرچشمو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اقبال هجي، حافظ هجي يا سعدي انهن جهڙين شخصيتن جو تعلق ڪنهن هڪ دؤر سان نه پر عالمِ اسلام لاءِ علم جو سرچشمو آهن. اقبال کي هميشه شاعر، فلسفي، آزاديءَ واري جدوجهد جو وڪيل ۽ انقلابي طور ياد رکيو ويندو. قائداعظم يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد اختر چيو ته تعليمي ادارن کي اقبال جي فڪر تي تحقيق، تنقيد ذريعي زندهه روايت طور اڳتي وڌائڻ گهرجي ته جيئن اقبال صرف نصابي حوالو نه رهي پر فڪري اڳواڻ بڻجي.

مزید خبریں