وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما امگابازار ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ جاري ۽ ايندڙ سڌارن خاص ڪري گيس جي شعبي جي پائيداريءَ تي توجهه ڏني وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب ان موقعي تي بولورما امگابازار پيٽروليم ڊويزن طرفان پُراڻي ايل اين جي مسئلي کي ڪاميابيءَ سان حل …

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما امگابازار ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ جاري ۽ ايندڙ سڌارن خاص ڪري گيس جي شعبي جي پائيداريءَ تي توجهه ڏني وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب ان موقعي تي بولورما امگابازار پيٽروليم ڊويزن طرفان پُراڻي ايل اين جي مسئلي کي ڪاميابيءَ سان حل ڪرڻ تي پيٽروليم ڊويزن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته ايل اين اين چئلينج جو حل هڪ آسان ڪم نه هو ۽ پيٽروليم واري وزير طرفان گيس جي شعبي جي پائيداريءَ جي ذاتي سطح تي ذميداري کڻڻ ساراهه جوڳو آهي. هن پيٽروليم ڊويزن سان گيس سيڪٽر سڌارن کي هٿي ڏيڻ ۾ ورلڊ بئنڪ جي مسلسل مدد جي خاطري ڪرائي ۽ ايل پي جي سيڪٽر ۾ سڌارن ۽ اوگرا جي سگهه وڌائڻ لاءِ گڏيل تعاون تي راضپي جو اظهار ڪيو. هن ٻُڌايو ته ورلڊ بئنڪ اڳ ئي وزارت سان گڏجي گيس سيڪٽر سڌارن لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ تيار ڪري رهيو آهي جنهن ۾ سوئي گيس ڪمپنين جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ ۽ بنڊلنگ بابت قدم شامل آهن. ان موقعي تي وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ايل اين جي مسئلي تي حڪومتي ڪوششن جي اعتراف تي ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جو ٿورو مڃيو.

مزید خبریں