اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق آسٽريليا جي شهر سڊني جي مشهور سامونڊي بونڊائي بيچ تي پيش آيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي شهرين جي جاني نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. عام شهرين کي نشانو بڻائڻ هڪ سفاڪاڻو، غير انساني ۽ هر لحاظ کان نفرت جوڳو عمل آهي. پنهنجي بيان ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته شهري …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ بونڊائي بيچ تي دهشتگرد حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق آسٽريليا جي شهر سڊني جي مشهور سامونڊي بونڊائي بيچ تي پيش آيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي شهرين جي جاني نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. عام شهرين کي نشانو بڻائڻ هڪ سفاڪاڻو، غير انساني ۽ هر لحاظ کان نفرت جوڳو عمل آهي. پنهنجي بيان ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته شهري آبادي، عوامي ماڳن ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ انسانيت، اخلاقيات ۽ عالمي قانونن جي سراسر ڀڃڪڙي آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام ان مشڪل گهڙيءَ ۾ آسٽريليا جي پارليامينٽ، حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪن ٿا.










