پاڪستان بحرين سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي گڏيل مذهب، ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، پاڪستان بحرين سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي ۽ هو ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي …

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي گڏيل مذهب، ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، پاڪستان بحرين سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي ۽ هو ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي آجيان ڪري ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد عبدالقادر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم جي بحرين جي تازي دوري جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته وزيراعظم جي شاندار ميزباني ۽ شاندار استقبال ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهري لاڳاپن جو مظهر آهي. صدر آصف علي زرداري ياد ڏياريو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف بحيني قيادت بشمول بحرين جي شاهه، شاهي ولي عهد ۽ نائب ولي عهد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته پاڪستان انهن جي ميزباني ڪرڻ جو منتظر آهي. هن  بحرين جي شاهه پاران پاڪستان جي دوري جي دعوت کي قبول ڪرڻ کي ساراهيو. صدر بحرين کي 2027 – 2026ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۾ تازي دهشتگرد واقعن کانپوءِ بحرين پاران يڪجهتي جي اظهار ۽ حمايت تي ٿورا ادا ڪيا. صدر اقتصادي تعاون کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان بحرين سان واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي ۽ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ڪوششن جي آجيان ڪري ٿو. هن بحريني سيڙپڪارن کي فوڊ سيڪيورٽي، آءِ ٽي ۽ سياحت سميت ترجيحي شعبن ۾ موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. صدر بحرين ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي ساراهيندي بحرين جي معيشت ۾ انهن جي مثبت ڪردار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذريعي پاڪستان جي مدد ڪرڻ ۾ انهن جي ڪردار جو پڻ ذڪر ڪيو. هن هڪ لک کان وڌيڪ پاڪستانين کي عزت ۽ موقعا فراهم ڪرڻ تي بحرين جي حڪومت ۽ پاڪستاني قيدين جي معافي تي بحرين جي شاهه جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شيري رحمان ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ موجود هو.

مزید خبریں