يونيورسٽين کي انڊسٽري، زراعت، ٽيڪنالاجي ۽ مستقبل ۾ درپيش مسئلن جي حل ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي،ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي هڪ نئون انقلاب برپا ڪري چڪي آهي جنهن جي روشني ۾ پاڪستان جي يونيورسٽين کي نئين معيشت جي گهرجن موجب پاڻ کي بدلائڻو پوندو. هائيڊ جي انتظام هيٺ نيشنل ليڊرشپ ڊائيلاگ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڏام پاڪستان جو بنيادي مقصد يونيورسٽين کي رڳو تعليمي …

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي،ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي هڪ نئون انقلاب برپا ڪري چڪي آهي جنهن جي روشني ۾ پاڪستان جي يونيورسٽين کي نئين معيشت جي گهرجن موجب پاڻ کي بدلائڻو پوندو. هائيڊ جي انتظام هيٺ نيشنل ليڊرشپ ڊائيلاگ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڏام پاڪستان جو بنيادي مقصد يونيورسٽين کي رڳو تعليمي ادارن بدران ٽئلينٽ ۽ جدت (انوويشن) جي فيڪٽرين ۾ تبديل ڪرڻ آهي. يونيورسٽين کي ڪتابي ۽ روايتي تحقيق کان اڳتي وڌي قومي ترقي لاءِ ڪارآمد ۽ مسئلا حل ڪرڻ واري ريسرچ ڪرڻي پوندي. وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال زور ڀريو ته يونيورسٽين ريسرچ کي اسٽارٽ اپس ۽ ڪمرشل مصنوعات ۾ تبديل ڪرڻ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ويزن 2010ع ۽ ويزن 2025ع تحت اربين روپين جي سيڙپڪاري سان هزارين پي ايڇ ڊيز تيار ڪيون ويون ۽ سڄي ملڪ ۾ يونيورسٽين جو هڪ وسيع نيٽ ورڪ قائم ڪيو ويو، تنهن هوندي به هاڻي اعليٰ تعليم جي نظام کي سڌي ريت معيشت سان جوڙڻ ترجيح آهي. وفاقي وزير چيو ته يونيورسٽين کي پاڪستان جي انڊسٽري، زراعت، ٽيڪنالاجي ۽ مستقبل ۾ درپيش مسئلن جي حل ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان سلسلي ۾ هن ٻڌايو ته اعليٰ تعليم ۾ انوويشن ۽ اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم کي هٿي ڏيڻ لاءِ يونيورسٽي آف ڪيمبرج سان معاهدو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ترقي يافته ملڪن جون يونيورسٽيون علم ۽ تحقيق ذريعي نون آئيڊياز جي تخليق جو مرڪز هونديون آهن، جڏهن ته پاڪستان کي به پنهنجي مصنوعات ۾ ويليو ايڊيشن ۽ برانڊنگ ذريعي روانگي واپار وڌائڻو پوندو. يونيورسٽين کي ٽئلينٽ جي تياري جو عملي مرڪز بڻايو ويندو ته جيئن نوجوان عالمي معيشت ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن. وفاقي وزير چيو ته يونيورسٽيون رڳو نصابي سرگرمين تائين محدود نه رهن پر قومي ۽ اقتصادي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ 7 نڪاتي ايجنڊا تي عملي قدم جاري آهن، جن جا مثبت نتيجا جلد سامهون ايندا.

مزید خبریں