اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو ۽ معاشي استحڪام جي ضمانت آهن، هٿياربند فوج جون قربانيون پاڪستان جي خودمختياري ۽ بقا جو بنياد آهن. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ سمنڊ پار پاڪستانيز گروپ ۽ پاڪستان ايڪس سروس مين سوسائٽيءَ جي انتظام هيٺ پاڪستان جي شهيدن جي تقريب، هٿياربند فوج سان يڪجهتيءَ جي …
سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو ۽ معاشي استحڪام جي ضمانت آهن: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ

مزید خبریں
اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو ۽ معاشي استحڪام جي ضمانت آهن، هٿياربند فوج جون قربانيون پاڪستان جي خودمختياري ۽ بقا جو بنياد آهن. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ سمنڊ پار پاڪستانيز گروپ ۽ پاڪستان ايڪس سروس مين سوسائٽيءَ جي انتظام هيٺ پاڪستان جي شهيدن جي تقريب، هٿياربند فوج سان يڪجهتيءَ جي اظهار ۽ قائداعظم جي ولادت واري ڏهاڙي جي مناسبت سان هڪ خصوصي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ان تقريب جو مقصد پاڪستان جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ، هٿياربند فوج سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪرڻ ۽ پاڪستان جي باني قائداعظم محمدعلي جناح جي 149هين جنم ڏينهن جي مناسبت سان کيس ياد ڪرڻ هو. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ ۽ پاڪستان کي هڪ پُرڪشش سيڙپڪاري مرڪز بڻائڻ لاءِ هر وقت تيار آهي. وفاقي وزير چيو ته اها تقريب پاڪستان جي قرباني، اتحاد جهڙن بنيادي قدرن جي عڪاسي ڪري ٿي. هن شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ـ ملڪي خودمختياري ۽ استحڪام جي تحفظ ۾ هٿياربند فوج جي ڪردار کي ساراهيو. قائداعظم جي نظم و ضبط، قانون جي حڪمراني ۽ قومي اتحاد جي نظرين کي ملڪي ترقيءَ لاءِ اڻٽر قرار ڏيندي وفاقي وزير معيشت ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت سُڃاڻپ اجاگر ڪرڻ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪردار تي زور ڀريو ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ جي حڪومتي عزم کي ورجايو.










