دنيا جو مستقبل جديد ٽيڪنالاجي خاص ڪري مصنوعي ذهانت سان جُڙيل آهي: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته تعليم ئي قومن جي ترقي جو بنياد آهي ۽ دنيا جو مستقبل جديد ٽيڪنالاجي خاص ڪري مصنوعي ذهانت سان جُڙيل آهي. بحريه يونيورسٽيءَ ۾ رٿيل آرٽيفيشل انٽيليجنس سمٽ ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي چيو ته نوجوانن لاءِ جديد ۽ فني مهارتن کي هٿي وٺرائڻ وقت جي اهم ترين ضرورت بڻجي چڪو …

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته تعليم ئي قومن جي ترقي جو بنياد آهي ۽ دنيا جو مستقبل جديد ٽيڪنالاجي خاص ڪري مصنوعي ذهانت سان جُڙيل آهي. بحريه يونيورسٽيءَ ۾ رٿيل آرٽيفيشل انٽيليجنس سمٽ ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي چيو ته نوجوانن لاءِ جديد ۽ فني مهارتن کي هٿي وٺرائڻ وقت جي اهم ترين ضرورت بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته اي آءِ کي تعليمي نصاب جو لازمي حصو بڻائڻ گهرجي ته جيئن شاگرد عالمي گهرجن موجب پاڻ کي تيار ڪري سگهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي ۽ اي آءِ جي شعبن ۾ بي پناهه سيڙپڪاريءَ جا موقعا موجود آهن ۽ درست پاليسين ۽ هنرمند افرادي سگهه ذريعي سيڙپڪاري ۽ اي آءِ جي ميلاپ سان پاڪستان جي معاشي ترقيءَ کي نئون رفتار ڏئي سگهجي ٿو. هن چين جو مثال ڏيندي  چيو ته چين تعليم ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ مسلسل سيڙپڪاريءَ ذريعي ناقابل يقين ترقي حاصل ڪئي آهي جنهن کان سکندي پاڪستان کي به جديد علمن ۽ تحقيق تي توجهه ڏيڻي پوندي. قيصر احمد شيخ ان عزم کي ورجايو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. تقريب جي پڄاڻيءَ تي بحريه يونيورسٽيءَ طرفان وفاقي وزير کي سندن خدمتن جي اعتراف ۾ اعزازي شيلڊ پيش ڪئي وئي.

مزید خبریں