عالمي برادري ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي مسلسل خلاف ورزي جو نوٽيس وٺي: پاڪستان

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان عالمي برادري کان ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي مسلسل خلاف ورزي تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان 7 ڊسمبر کانپوءِ چناب درياءَ جي وهڪري ۾ اوچتو چاڙهه جو مشاهدو ڪيو آهي، پاڪستان ان چاڙهه کي انتهائي ڳڻتي ۽ سنجيدگي سان ڏسي ٿو، پاڪستان جي انڊس واٽر …

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان عالمي برادري کان ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي مسلسل خلاف ورزي تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان 7 ڊسمبر کانپوءِ چناب درياءَ جي وهڪري ۾ اوچتو چاڙهه جو مشاهدو ڪيو آهي، پاڪستان ان چاڙهه کي انتهائي ڳڻتي ۽ سنجيدگي سان ڏسي ٿو، پاڪستان جي انڊس واٽر ڪمشنر پنهنجي ڀارتي هم منصب کي خط لکيو آهي جنهن ۾ سنڌ طاس معاهدي ۾ لکيل طريقيڪار موجب ان معاملي ۾ وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. ترجمان چيو ته زرعي سيزن ۾ درياءَ جي وهڪري سان ڇيڙڇاڙ عوامي زندگي ۽ غذائي سلامتي جي لاءِ خطرو آهي، پاڪستان ڀارت کان هڪطرفي قدمن کان باز رهڻ جو مطالبو ڪري ٿو، ڀارت سنڌ طاس معاهدي تي مڪمل ۽ نيڪ نيتي سان عمل ڪري. هن چيو ته معاهدي جي خلاف ورزي عالمي قانون جي لاءِ خطرو آهي، پاڪستان پاڻي جي بنيادي حقن تي ڪو ٺاهه نه ڪندو. ترجمان چيو ته پاڪستان سان ڪنهن اڳواٽ اطلاع يا ڊيٽا، معلومات جي مٽاسٽا کانسواءِ ڀارت پاران پاڻي ڇڏڻ تي پاڪستان کي شديد خدشا آهن. هن پاڪستان جي ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو پاڻي جي حقن جي واپسي جي لاءِ سمورا آپشنز استعمال ڪندو ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته ڀارت پاران پاڻي جي سپلاءِ کي محدود نه ڪيو وڃي، عالمي برادري ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي مسلسل نظراندازي جو نوٽيس وٺي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ميڊيا کي چناب درياءَ جي وهڪري ۾ تازي اوچتو تبديلي ۽ ڀارت پاران بنا ڪنهن اڳواٽ اطلاع يا معلومات جي هڪطرفي طور تي درياءَ ۾ پاڻي ڇڏڻ بابت آگاهه ڪيو. طاهر حسين اندرابي چيو ته پاڪستان ان ڳالهه جو ورجاءَ ڪرڻ چاهي ٿو ته سنڌ طاس معاهدو هڪ پابند عالمي معاهدو آهي جيڪو خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو هڪ ذريعو رهيو آهي، ان جي خلاف ورزي هڪ طرف عالمي معاهدن ۽ عالمي قانون جي تعميل جي لاءِ خطرو آهي ۽ ٻئي طرف ان سان علائقائي امن، سٺي پاڙيسريت جي اصولن ۽ بين الرياستي لاڳاپن کي ڪنٽرول ڪندڙ اصولن کي شديد خطرا آهن. ترجمان چيو ته عالمي برادري کي ڀارت پاران ٻطرفي معاهدي جي مسلسل نظراندازي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ڀارت کي عالمي قانون ۽ قائم ڪيل اصولن موجب ذميواري سان ڪم ڪرڻ جو مشورو ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان تڪرارن ۽ مسئلن جي پرامن حل جي لاءِ پرعزم آهي پر هو پنهنجي ماڻهن جي پاڻي جي وجود جي حقن تي ڪو ٺاهه نه ڪندو.

مزید خبریں