اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڀاڻ جي شعبي کي گئس جي فراهمي سان لاڳاپيل معاملن تي غور جي لاءِ قائم ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڀاڻ جي شعبي کي گئس جي فراهمي سان لاڳاپيل معاملن تي غور جي لاءِ قائم ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ موجوده گئس سپلاءِ جي تسلسل ۽ ڀاڻ جي ڊگهي مدي واري پيداوار جي لاءِ مستقبل ۾ گئس جي فراهمي کي محفوظ بڻائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي …

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڀاڻ جي شعبي کي گئس جي فراهمي سان لاڳاپيل معاملن تي غور جي لاءِ قائم ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ موجوده گئس سپلاءِ جي تسلسل ۽ ڀاڻ جي ڊگهي مدي واري پيداوار جي لاءِ مستقبل ۾ گئس جي فراهمي کي محفوظ بڻائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعطم ۽ پرڏيهي وزير آبادگارن جي لاءِ مناسب قيمتن تي ڀاڻ جي پائيدار دستيابي يقيني بڻائن، سپلاءِ چين کي مضبوط ڪرڻ، قيمتن ۾ استحڪام، فصلن جي بهتر پيداوار ۽ قومي غذائي تحفظ جي فروغ تي زور ڏنو. اجلاس ۾ توانائي، پيٽروليم، قومي غذائي تحفظ، اقتصادي معاملن ۽ موسمياتي تبديلي وارن وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باوجوه، بجلي ۽ پيٽروليم واري وزارتن جي سيڪريٽرين، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ طئي ٿيو ته سفارشون وزيراعظم کي پيش ڪيون وينديون.

مزید خبریں