حڪومت آءِ ٽي شعبي ۾ افرادي قوت جي فني تربيت، ٽيڪس ۾ آسانين ۽ ٻين معاملن ۾ بهتري جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي معاشي ترقي جي لاءِ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان سفارشون پيش ڪيون ويون جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته حڪومت آءِ ٽي شعبي ۾ افرادي قوت جي فني تربيت، ٽيڪس ۾ آسانين ۽ ٻين معاملن ۾ بهتري جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن …

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي معاشي ترقي جي لاءِ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان سفارشون پيش ڪيون ويون جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته حڪومت آءِ ٽي شعبي ۾ افرادي قوت جي فني تربيت، ٽيڪس ۾ آسانين ۽ ٻين معاملن ۾ بهتري جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار معاشي ترقي جي لاءِ آءِ ٽي شعبي جي حوالي سان قائم نجي شعبي جي ورڪنگ گروپ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب، ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڊيجيٽل معيشت کي سگهه ڏيڻ، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ آءِ ٽي شعبي ۾ ٻين سڌارن جي حوالي سان سفارشون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم محمد  شهباز شريف آصف پير جي سربراهي ۾ ٺاهيل ڪميٽي جي سفارشن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته معاشي مسئلن جي باوجود ملڪي آءِ ٽي شعبي ترقي ڪئي، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو انتهائي خوش آئنده آهي، آءِ ٽي جي فني تربيت جي لاءِ سمورا قدم پاڪستاني نوجوانن کي عالمي آءِ ٽي مارڪيٽ ۾ بطور تجربيڪار افرادي قوت متعارف ڪرائڻ تي مرڪوز آهن.  وزيراعظم چيو ته نوجوانن جي لاءِ ملازمت جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ قدم کنيا وڃن ۽ ملڪ ۾ آءِ ٽي انفراسٽرڪچر بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته ڊيجيٽل معيشت جي ترويج صارفين جي انٽرنيٽ تائين پهچ تي منحصر آهي. وزيراعظم ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ ٺاهيل اعليٰ سطحي ڪميٽي کي اجلاس ۾ پيش ڪيل سفارشن جو جائزو وٺي ٻن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ڊيٽا تي ٻڌل گورننس ماڊل جي جوڙجڪ تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ روانگي واپار جي لاءِ مارڪيٽ شيئر وڌائڻ، پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ جي مڪمل ڊيجيٽائيزيشن، اي روزگار اسڪيم ۽ اسٽارٽ اپ اينوويشن ايڪو سسٽم جهڙن قدمن تي نجي شعبي پاران حڪومتي قدمن کي ساراهيو ويو.

مزید خبریں