اقليت پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي نظام جو اهم حصو آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اقليت پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي نظام جو اهم حصو آهن، پاڪستان جي آئين ۾ انهن کي مڪمل مذهبي آزادي، برابر حق ۽ تحفظ حاصل آهي، حڪومت اقليتن جي ڀلائي، ترقي ۽ تحفظ جي لاءِ سمورن ضروري قدمن کي يقيني بڻائيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي اقليتي ميمبرن جي وفد سان ڳالهائيندي …

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اقليت پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي نظام جو اهم حصو آهن، پاڪستان جي آئين ۾ انهن کي مڪمل مذهبي آزادي، برابر حق ۽ تحفظ حاصل آهي، حڪومت اقليتن جي ڀلائي، ترقي ۽ تحفظ جي لاءِ سمورن ضروري قدمن کي يقيني بڻائيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي اقليتي ميمبرن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ مذهبي معاملن وارو مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني، ڊاڪٽر درشن، نيلسن عظيم، اسفن ڀنڊارا، نيلم، سنجي پارواڻي، رميش ڪمار، نويد عامر ۽ رميش لعل شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ ۾ اقليتن جي حقن، انهن جي ڀلائي ۽ قومي ڌارا ۾ انهن جي موثر ڪردار تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته اقليت پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي نظام جو اهم حصو آهن ۽ پاڪستان جو آئين انهن کي مڪمل مذهبي آزادي، برابر حق ۽ تحفظ فراهم ڪري ٿو، حڪومت اقليتن جي ڀلائي، ترقي ۽ تحفظ جي لاءِ سمورا  ضروير قدم جاري رکيا آهن. قومي اسيمبلي جي اقليتي ميمبرن اقليتن جي ڀلائي جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هنن اقليتي برادري کي درپيش مسئلن ۽ تجويزن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم اقليتي برادري جي مسئلن جي حل ۽ انهن جي شموليت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.

مزید خبریں