اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ”آبادگار ڏهاڙي“ جي موقعي تي پاڪستاني آبادگارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو آبادگار ملڪي معيشت، غذائي پاڻڀرائپ ۽ ڳوٺاڻي ترقي جو بنياد آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آبادگار ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڻ زراعت سان لاڳاپيل خاندان سان تعلق رکڻ جي ڪري کيس آبادگارن جي …
صدر پاران ”آبادگار ڏهاڙي“ جي موقعي تي پاڪستاني آبادگارن کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ”آبادگار ڏهاڙي“ جي موقعي تي پاڪستاني آبادگارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو آبادگار ملڪي معيشت، غذائي پاڻڀرائپ ۽ ڳوٺاڻي ترقي جو بنياد آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آبادگار ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڻ زراعت سان لاڳاپيل خاندان سان تعلق رکڻ جي ڪري کيس آبادگارن جي محنت، ڪاميابين ۽ مشڪلاتن جو چڱي ريت پتو آهي. هن چيو ته زراعت پاڪستان جي ڪروڙين خاندانن جي روزگار جو ذريعو ۽ قومي ترقي جو اهم ٿنڀ آهي. پاڻي جي کوٽ، موسمياتي تبديلي ۽ زرعي لاڳت ۾ اضافو پاڪستاني آبادگارن جي لاءِ وڏو چئلينج آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ آبادگارن جي ڀلائي، جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ منڊين تائين بهتر پهچ جي لاءِ ٺوس قدم لازمي آهن. هن چيو ته زرعي شعبي جي استحڪام سان ئي پاڪستان ۾ غذائي تحفظ، پائيدار ترقي ۽ خوشحالي ممڪن آهي.










