اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان چمن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چمن چيمبر ۽ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز (ايس ايم ايز) کي درپيش مسئلن، واپاري امڪانن ۽ صنعتي ترقي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چمن چيمبر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هڪ ملين کان وڌيڪ آبادي، واپار، …
صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان چمن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان چمن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چمن چيمبر ۽ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز (ايس ايم ايز) کي درپيش مسئلن، واپاري امڪانن ۽ صنعتي ترقي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چمن چيمبر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هڪ ملين کان وڌيڪ آبادي، واپار، ٽرانسپورٽ ۽ سرحد پار ڪاروبار سبب چمن هڪ اهم ايس ايم اي حب بڻجي ڪو آهي، چمن چيمبر مطالبو ڪيو ته وفاقي صنعتي اسڪيمن ۽ سپورٽ پروگرامن ۾ چمن انڊسٽريل زون کي شامل ڪيو وڃي. ان موقعي تي هارون اختر خان چمن چيمبر کي وزيراعظم شهباز شريف جي ايس ايم ايز کي هٿي ڏيڻ جي ويزن کان آگاهه ڪندي چيو ته وزيراعظم جي هدايت آهي ته ملڪ جي هر ايس ايم اي کي سهولت ۽ ترقي ڏني وڃي، هن سرحد پار واپار ۾ چمن چيمبر جي اهم ڪردار کي ساراهيندي خاطري ڪرائي ته چمن چيمبر کي سمورن ترقياتي پروگرامن ۽ لاڳاپيل ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويندو.










