صدر پاران لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نشان حيدر حاصل ڪندڙ لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد کي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد جي لازوال قرباني هميشه قوم ۽ ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه رهندي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد بهادري، قرباني ۽ وطن سان …

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نشان حيدر حاصل ڪندڙ لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد کي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد جي لازوال قرباني هميشه قوم ۽ ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه رهندي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد بهادري، قرباني ۽ وطن سان بي لوث وفاداري جي روشن علامت آهي. هن چيو ته 1971ع جي جنگ ۾ واگها محاذ تي سخت زخمي ٿيڻ جي باوجود دشمن جي سامهُون ڄمي بيهي وڃڻ لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد جي عظيم جرئت جو ثبوت آهي. صدر چيو ته شهيد جي قرباني پاڪ فوج جي پيشه وراڻي مهارت، قرباني ۽ قومي جذبي جي عڪاس آهي.

مزید خبریں