راولپنڊي-18 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز، آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ليبيا جي سرڪاري دوري دوران ليبيائي عرب هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف فيلڊ مارشل خليفه بالقاسم حفتر ۽ ليبيا جي عرب هٿياربند فوج جي ڊپٽي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي آمد تي ليبيائي هيٿاربند فوج جي …
چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ليبيا جي عرب هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف فيلڊ مارشل ۽ ڊپٽي ڪمانڊر ان چيف ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي-18 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز، آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ليبيا جي سرڪاري دوري دوران ليبيائي عرب هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف فيلڊ مارشل خليفه بالقاسم حفتر ۽ ليبيا جي عرب هٿياربند فوج جي ڊپٽي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي آمد تي ليبيائي هيٿاربند فوج جي هڪ چست جٿي فيلڊ مارشل کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. فيلڊ مارشل ۽ خليفه حفتر وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻطرفي دفاعي ۽ عسڪري تعاون کي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفن کان تربيت، صلاحيت ۾ اضافي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڀريو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير گڏيل مفادن جي بنياد تي ليبيا سان دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. فيلڊ مارشل خليفه حفتر پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.










