اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي خاص صلاحڪار رانا احسان افضل خان ڪالهه چمن ضلعي ۽ چمن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اڳواڻن، واپارين ۽ ڪميونٽي جي نمائندن سان مشاورتي اجلاس جي صدارت ڪئي. ملاقات ۾ چمن ۾ پاڪ افغان بارڊر ڪراسنگ تي بار بار ۽ ڊگهي بندش سبب پيدا ٿيل چئلينجز تي غور ڪيو ويو. نمائندن سماجي ۽ اقتصادي اثرن تي روشني وڌي. خاص …
وزيراعظم جي خاص صلاحڪار رانا احسان افضل خان جو چمن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اڳواڻن، واپارين ۽ ڪميونٽي جي نمائندن سان مشاورتي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي خاص صلاحڪار رانا احسان افضل خان ڪالهه چمن ضلعي ۽ چمن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اڳواڻن، واپارين ۽ ڪميونٽي جي نمائندن سان مشاورتي اجلاس جي صدارت ڪئي. ملاقات ۾ چمن ۾ پاڪ افغان بارڊر ڪراسنگ تي بار بار ۽ ڊگهي بندش سبب پيدا ٿيل چئلينجز تي غور ڪيو ويو. نمائندن سماجي ۽ اقتصادي اثرن تي روشني وڌي. خاص ڪري واپارين لاءِ مالي نقصانن، خراب ٿيل شين جي روانگي واپار ۾ رڪاوٽ، بيروزگاري ۽ سرحد پار واپار تي ڀاڙڻ مقامي ڪميونٽي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رانا احسان افضل ڌُرين طرفان اُٿاريل خدشن کي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته چمن جي ڪميونٽيز جي مسئلن کي حل ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي. بحث هيٺ معاملن کي لاڳاپيل قومي ۽ ٻه طرفي فورمز تائين وڌايو ويندو ته جيئن پائيدار حل تلاش ڪري سگهجي جنهن ۾ بارڊر مئنيجمينٽ پروٽوڪول قائم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. خاص صلاحڪار سرحدي واپاري چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۽ مقامي ڪميونٽيز کي ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.










