اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) جسٽس طارق جهانگيري پنهنجي ايل ايل بي ڊگري بابت ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چئلينج ڪندي وفاقي آئيني عدالت ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي. جسٽس جهانگيري مؤقف اختيار ڪيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ٻُڌڻ جوڳي نه هئي ۽ هاءِ ڪورٽ 9 ڊسمبر جي ٻه رڪني بينچ ذريعي ڪيس کي ٻُڌڻ جوڳو قرار ڏنو جيڪو غلط آهي. سندس …
جسٽس طارق جهانگيري پاران ايل ايل بي ڊگري بابت ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چئلينج

مزید خبریں
اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) جسٽس طارق جهانگيري پنهنجي ايل ايل بي ڊگري بابت ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چئلينج ڪندي وفاقي آئيني عدالت ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي. جسٽس جهانگيري مؤقف اختيار ڪيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ٻُڌڻ جوڳي نه هئي ۽ هاءِ ڪورٽ 9 ڊسمبر جي ٻه رڪني بينچ ذريعي ڪيس کي ٻُڌڻ جوڳو قرار ڏنو جيڪو غلط آهي. سندس چوڻ هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو هي فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. هن عدالت کي ٻُڌايو ته رِٽ پٽيشن کي ٻُڌڻ جوڳو قرار ڏيڻ کان اڳ کيس ٻُڌو ئي نه ويو ۽ اهڙين ڌُرين کي به شامل ڪيو ويو جيڪي اصل ۾ ڪيس جون ڌُريون ئي نه هيون. ان کان علاوه هن مؤقف اختيار ڪيو ته ايل ايل بي ڊگري جي معاملي جي جاچ صرف ٽرائل ڪورٽ شاهديون رڪارڊ ڪرڻ کان پوءِ ڪرائي سگهي ٿي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شاهديون رڪارڊ ڪرڻ کانسواءِ اهو ڪم نٿي ڪري سگهي. عدالت ۾ داخل اپيل کان پوءِ آئيني عدالت ان ڪيس جي ٻُڌڻي ڪندي ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي حتمي فيصلو ڏيندي.










