ملتان-17 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مخدوم سيد باقر گيلاني جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين ڪالهه هتي مرحوم جي پُٽن سان ملاقات ڪئي ۽ تعزيت ڪندي چيو ته مرحوم جي وفات خاندان ۽ علائقي جي ماڻهن لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. سينيٽ چيئرمين مرحوم جي ديني ۽ سماجي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته هو …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران مخدوم سيد باقر گيلاني جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
ملتان-17 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مخدوم سيد باقر گيلاني جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين ڪالهه هتي مرحوم جي پُٽن سان ملاقات ڪئي ۽ تعزيت ڪندي چيو ته مرحوم جي وفات خاندان ۽ علائقي جي ماڻهن لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. سينيٽ چيئرمين مرحوم جي ديني ۽ سماجي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته هو هڪ باوقار ۽ نيڪ سيرت شخصيت هو، جنهن جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن مرحوم جي درجن جي بلندي، مغفرت، جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر لاءِ دُعا ڪئي.










