اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي هيڊ ڪوارٽر ۾ سينٽر فار گورنمينٽ ڊيٽا اينالسس جو افتتاح ڪيو. وفاقي وزير مرڪز جي قيام کي ساراهيندي ڊيٽا اينالسس جي جديد ٽيڪنالاجيز اختيار تي زور ڀريو جن ۾ مشين لرننگ، مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل آڊيٽنگ ۽ تجزياتي ڪمن لاءِ بوٽس جا استعمال شامل آهن. هن هدايت ڪئي ته سرڪاري …
ناڻي واري وفاقي وزير پاران سينٽر فار گورنمينٽ ڊيٽا اينالسس جو افتتاح

مزید خبریں
اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي هيڊ ڪوارٽر ۾ سينٽر فار گورنمينٽ ڊيٽا اينالسس جو افتتاح ڪيو. وفاقي وزير مرڪز جي قيام کي ساراهيندي ڊيٽا اينالسس جي جديد ٽيڪنالاجيز اختيار تي زور ڀريو جن ۾ مشين لرننگ، مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل آڊيٽنگ ۽ تجزياتي ڪمن لاءِ بوٽس جا استعمال شامل آهن. هن هدايت ڪئي ته سرڪاري شعبي جي مختلف ادارن جي ڊيٽا بيسز ۾ موجود سموري دستياب ڊيٽا تائين ڊجيٽل پهچ حاصل ڪئي وڃي. اهڙن قدمن سان آڊٽ جي دائري ڪار ۾ واڌ، شفافيت ۽ عوامي وسيلن جي احتساب کي هٿي ملندي. ناڻي واري وزير دؤري دوران آڊيٽر جنرل آف پاڪستان مقبول احمد گوندل آڊٽ جي شعبي ۾ مقدار بدران معيار تي ڌيان ڏيڻ جي حڪمت عملي تي زور ڀريو. هن ادارا جاتي ۽ منصوبا جاتي بنيادن تي آڊٽ رپورٽنگ ۽ آڊٽ جوڳن ادارن سان تعميري ۽ گڏيل سهڪار تي ٻَڌل ماحول کي هٿي وٺرائڻ جي اهميت اجاگر ڪيو. هن چيو ته آڊٽ کي گورننس ۾ بهتري جي هڪ اثرائتي ذريعي طور تي استعمال ڪيو پيو وڃي. سڌارن ۽ جديد ڪاري جي حوالي سان آڊيٽر جنرل ڊجيٽل ٽرانسفارميشن قدمن کان آگاهه ڪيو، جن ۾ آڊٽ مئنجمينٽ انفارميشن سسٽم لاڳو ڪرڻ، سينٽر فار گورنمينٽ ڊيٽا اينالسس جو قيام ۽ آڊٽ جي ڪارڪردگي، اثرائتي ۽ شفافيت وڌائڻ لاءِ ڊيٽا اينا لسس معيشت جي قدمن ۾ تيزي آڻڻ سان وڌيڪ ڊجيٽل ڊيٽا دستياب هوندي، جنهن تائين هي مرڪز وقت سر پهچ حاصل ڪري تجزيو ڪندو. ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس عمر علي خان ناڻي واري وزير کي سي جي اي جي مينڊيٽ ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني، جيڪو حڪومت جي حسابن، ادائگين جي آڊٽ کان اڳ جاچ ۽ مالي رپورٽنگ جي ذميداري هڪ اهم عوامي مالياتي نظام و نسق جو ادارو آهي. سي جي اي اڪائونٽنگ سسٽمز کي مضبوط بنائڻ ۽ وقت سر درست مالي رپورٽنگ کي يقيني بنائڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيو آهي. ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس ڪيش ليس/ڊجيٽل پبلڪ سيڪٽر معيشت جا هدف حاصل ڪيا، جن ۾ مائڪرو پيمينٽ گيٽ وي، راست، آن لائن بلنگ، SAP HANA تي منتقلي ۽ مرڪزي ايڇ پي سپر ڊوم سرورز شامل آهن، جيڪي وزيراعظم جي ويزن موجب آهن. عالمي معيارموجب اڪروئل بيسڊ اڪائونٽنگ طرف منتقلي به عالمي بئنڪ جي سهڪار سان جاري آهي. ٻنهي ادارن شفافيت، احتساب ۽ عوامي وسيلن جي اثرائتي استعمال کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ سڌارن، ڊجيٽلائزيشن ۽ ڌُرين سان سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، ته جيئن پاڪستان جي شهرين کي وڌ کان وڌ فائدو پهچائي سگهجي.











