اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته علامه محمد اقبال جي نظريو ۽ فلسفو اڄ جي دؤر ۾ به انتهائي اهم ۽ رهنمائي جوڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يومِ اقبال جي موقعي تي نيشنل لينگوئج پروموشن ڊپارٽمينٽ (اين ايل پي ڊي) جي انتظام هيٺ رٿيل قومي ڪانفرنس فڪر اقبال: هلندڙ وقت ۾ ضرورت ۽ اهميت کي …
علامه اقبال جو پيغام پوري انسانيت لاءِ آهي، اسان کي سندس نظريي ۽ تعليم مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي: اورنگزيب خان کچي

مزید خبریں
اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته علامه محمد اقبال جي نظريو ۽ فلسفو اڄ جي دؤر ۾ به انتهائي اهم ۽ رهنمائي جوڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يومِ اقبال جي موقعي تي نيشنل لينگوئج پروموشن ڊپارٽمينٽ (اين ايل پي ڊي) جي انتظام هيٺ رٿيل قومي ڪانفرنس فڪر اقبال: هلندڙ وقت ۾ ضرورت ۽ اهميت کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير ان ڳالهه تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ته اڄ جو نوجوان نسل وڏي حد تائين علامه اقبال جي فلسفي، ويزن ۽ مسلم اُمت جي فلاح ۽ بهبود لاءِ سندس جدوجهد کان اڻ واقف آهي. هن چيو ته اقبال جو پيغام صرف اسان لاءِ ناهي پر پوري انسانيت لاءِ آهي ۽ اسان کي سندس نظريي ۽ تعليم مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. ان موقعي تي اورنگزيب خان، مرحوم سينيٽر عرفان صديقي کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته هن نيشنل لينگوئيج پروموشن ڊپارٽمينٽ جهڙن ادارن جي استحڪام ۽ هٿي ڏيڻ لاءِ قدر جوڳيون خدمتون انجام ڏنيون ۽ مرحوم جي ڪاوشن سبب هي ادارا اڄ به پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ڊائريڪٽر جنرل اين ايل پي ڊي کان درخواست ڪئي ته ادبي ادارن ۽ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان هڪ مشاورتي اجلاس منعقد ڪيو وڃي ته جيئن اقبال جي ويزن جي روشنيءَ ۾ ٻولي، ثقافت ۽ ورثي جي تحفظ لاءِ رهنمائي ۽ تجويزون حاصل ڪري سگهجن. وفاقي وزير ان سلسلي ۾ پنهنجي وزارت جي مڪمل معاونت جي خاطري به ڪرائي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته پنجاب حڪومت هڪ خط اُماڻيو ويو آهي جنهن ۾ اسڪولن جي ٻارن کي تاريخي ماڳن، ادبي مرڪزن، عجائب گهرن ۽ ثقافتي ماڳن جي مطالعاتي دؤرن جو اهتمام ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي ته جيئن نوجوانن ۾ آگاهي پيدا ڪري سگهجي. هن چيو ته قومي زبان، ثقافت ۽ ورثي جو تحفظ اسان جي قومي ذميداري آهي. هن ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ۽ صدارت جو موقعو فراهم ڪرڻ تي ڊي جي، اين ايل پي ڊي جو ٿورو مڃيو. ان موقعي تي نيشنل لينگوئيج پروموشن ڊپارٽمينٽ جي ڊي جي پروفيسر ڊاڪٽر سليم مظهر شروعاتي خطاب ڪيو. هن معزز مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان قومي ڪانفرنس جو مقصد ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي بيدار ڪرڻ ۽ ڌار وطن جي جدوجهد لاءِ تيار ڪرڻ ۾ علامه اقبال جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪرڻ آهي. هن چيو ته اقبال جو نظريو پوري مسلم اُمت لاءِ مشعل راهه آهي جيڪو جذبي، خودي، آزادي ۽ اميد جو پيغام ڏئي ٿو ۽ اڄ به اسان جي رهنمائي ڪري ٿو. ڊاڪٽر سليم مظهر يومِ اقبال جي حوالي سان 10 ڊسمبر تي منعقد ٿيل مقابلن ۾ پهرين، ٻين، ٽين ۽ چوٿين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي مبارڪون ڏنيون ۽ ججن ۽ استادن جي خدمتن کي ساراهيو. هن عسڪري بئنڪ لميٽيڊ ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جي سهڪار تي به شڪريو ادا ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم، ڊي جي اين ايل پي ڊي جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته پروفيسر ڊاڪٽر سليم مظهر ايران ۽ پاڪستان ۾ خاص ڪري ثقافتي شعبي ۾ هڪ نامياري ۽ احترام جوڳي شخصيت آهي جن جي ذات ثقافتي ترقيءَ لاءِ فخر جوڳي آهي. هن پاڪستاني عوام جي ثقافتي خدمتن کي به ساراهيو. ايراني سفير چيو ته علامه اقبال، قائداعظم محمدعلي جناح، شيخ سعدي ۽ ٻيون عظيم شخصيتون اسان لاءِ رول ماڊل ۽ رهنمائيءَ جو ذريعو آهن، جن پنهنجن رهنمائن کي وِساري ڇڏين ان جو مستقبل روشن نٿو ٿي سگهي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي پوزيشن ماڻيندڙ 8 شاگردن ۾ روڪ رقم ۽ سندون ورهايون ويون، جڏهن ته مقابلي ۾ شريڪ سمورن شاگردن کي به سندون ڏنيون ويون.











