پاڪستان جي طبي نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ گهٽ وقت ۾ وڌيڪ ۽ اثرائتو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان جو طبي نظام شديد دٻاءُ جو شڪار آهي، جنهن کي بهتر بنائڻ لاءِ گهٽ وقت ۾ وڌيڪ ۽ اثرائتو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا جي اسڪول آف ڊينٽسري ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته شهري ضرورتن موجب وڌ …

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان جو طبي نظام شديد دٻاءُ جو شڪار آهي، جنهن کي بهتر بنائڻ لاءِ گهٽ وقت ۾ وڌيڪ ۽ اثرائتو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا جي اسڪول آف ڊينٽسري ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته شهري ضرورتن موجب وڌ کان وڌ ماڻهن جي تربيت اڻٽر آهي ته جيئن صحت جي شعبي ۾ درپيش چئلينجز کي مُنهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته هيلٿ ڪيئر جي شروعات اسپتال مان نه پر اسپتال ٻاهران ٿئي ٿي، جڏهن ته اسان وٽ بنيادي مسئلن خاص ڪري سيوريج ٽريٽمينٽ ۽ صاف پاڻيءَ جي نظام تي مناسب ڌيان نٿو ڏني وڃي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته گدلي پاڻيءَ سبب ملڪ ۾ اٽڪل 70 سيڪڙو بيماريون پيدا ٿين ٿيون ۽ جيڪڏهن عوام کي صاف پاڻيءَ جي سهولت ميسر ٿي وڃي ته اسپتالن تي مريضن جو بار به 70 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي سگهي ٿو. هن زور ڀريو ته سيوريج جي ٽريٽمينٽ لاءِ مقامي سطح تي اثرائتي نظام جي قيام جي اهم ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته پرهيز علاج کان بهتر آهي ۽ اسان کي احتياطي تدبيرون ۽ بيمارين کان بچاءُ کي پنهنجي بنيادي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، هن چيو ته دنيا ايندڙ 10 سالن ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض تي ضابطو آڻي وٺندي، پاڪستان ۾ اٽڪل هر بيماريءَ جو علاج موجود آهي پر پوليو هاڻ به هڪ سنگين چئلينج آهي. هن والدين تي زور ڀريو ته هو پنهنجن ٻارن کي پوليو جا قطرا ضرور پيئارين ڇاڪاڻ ته پوليو وائرس اڃا تائين پاڪستان ۾ موجود آهي. هن چيو ته حڪومت هيلٿ ڪيئر سسٽم ۾ جدت آڻي رهي آهي ۽ نئين اسپتالن جي قيام سان گڏوگڏ موجوده اسپتالن جي حالت بهتر بنائي پئي وڃي. هن چيو ته جاڙن شهرن ۾ هڪ جديد آپريشن ٿيٽر قائم آهي جتي سموريون ضروري سهولتون دستياب آهن، جڏهن ته هر شهر ۾ اهڙا مرڪز هئڻ لازمي آهن. هن آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته هر سال تقريبن 69 لک ٻار پيدا ٿي رهيا آهن جڏهن ته پاڪستان جي آبادي 25 ڪروڙ کان وڌي وئي آهي، جنهن سبب صحت جي شعبي تي دٻاءُ مسلسل وڌي رهيو آهي. وفاقي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت صحت جي نظام ۾ پائيدار سڌارن ذريعي عوام کي بهتر طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ عملي قدم جاري رکندي.