سڊني بيچ واقعي تي بنا ثبوتن ۽ تصديق جي پاڪستان جي خلاف بدنيتي ۽ ڪوڙ جي بنياد تي پروپئگنڊه ڪئي وئي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 17 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سڊني واقعي تي پاڪستان تي بنا ثبوت الزام هڻڻ جي مهم کي بدنيتي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏيندي چيو آهي ته سڊني بيچ واقعي تي بنا ثبوتن ۽ تصديق جي پاڪستان مخالف پروپئگنڊه ڪئي وئي، بونڊائي واقعي تي مستنند چينلز ادارتي قانونن جو پڻ خيال نه رکيو، ڪجهه ميڊيا ادارن دهشتگردن جو …

اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سڊني واقعي تي پاڪستان تي بنا ثبوت الزام هڻڻ جي مهم کي بدنيتي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏيندي چيو آهي ته سڊني بيچ واقعي تي بنا ثبوتن ۽ تصديق جي پاڪستان مخالف پروپئگنڊه ڪئي وئي، بونڊائي واقعي تي مستنند چينلز ادارتي قانونن جو پڻ خيال نه رکيو، ڪجهه ميڊيا ادارن دهشتگردن جو تعلق بي بنياد طور تي پاڪستان سان ڳنڍيو، پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي، اسان سدائين دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي، ڀارتي ميڊيا پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ ڪڌا حربا استعمال ڪري رهي آهي، واضح ٿي چڪو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، غيرتصديق ٿيل خبر هلائڻ تي پاڪستان جي ساک کي نقصان پهچائڻ جو ذميوار ڪير هوندو؟ ٻڌايو وڃي ته پاڪستان تي الزام بازي جو ازالو ڪيئن ڪيو ويندو؟ ڪوڙي خبر پکيڙيندڙن کي باضابطا معافي وٺڻ گهرجي. عالمي ميڊيا نمائندن کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سڊني جي بونڊائي بيچ تي پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي جي حوالي سان اٽڪل 48 ڪلاڪن تائين مس انفارميشن مهم هلائي وئي، دنيا جا معتبر ۽ قابل اعتماد ميڊيا ادارا به ان مهم جو حصو بڻيا. هن واضح ڪيو ته ان معاملي کي اجاگر ڪرڻ جو مقصد ڪنهن کي بدنام ڪرڻ يا ڪنهن جي دل آزاري نه آهي پر رڳو اهو اجاگر ڪرڻ آهي ته اهڙن واقعن کانپوءِ ڪنهن ثبوت يا معتبر ذريعن کانسواءِ ملڪ جي غيرمنصفاڻي طور تي ذميوار قرار ڏنو وڃي ٿو جيڪو تصديق ۽ تحقيق جي بنيادي صحافتي اصولن جي ابتڙ آهي. هن چيو ته سڊني واقعو افسوسناڪ آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. صدر، وزيراعظم ۽ پاڪستان حڪومت سڊني واقعي جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پاڻ سالن کان دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي ۽ اسان چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته اهڙن سانحن جو ڏک ۽ ڪرب ڇا هوندو آهي. هن چيو ته پاڪستان آسٽريليا ۽ ان جي عوام جي درد کي محسوس ڪري ٿو ۽ ان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن چيو ته اسان آسٽريليا جي حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته آسٽريلوي شهري جرئتمندي جو مظاهرو ڪندي حملي آور کي قابو ڪيو جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي قيمتي جانيون بچي ويون. هن چيو ته واقعي جي فوري پوءِ ڪجهه ميڊيا ذريعن جلدبازي جو مظاهرو ڪندي اها دعويٰ ڪئي ته حملي آورن مان هڪ جو تعلق پاڪستان سان هو جڏهن ته ٻيو آسٽريليا ۾ پيدا ٿيو جڏهن ته ان دعويٰ جي ڪا دستاويزي تصديق يا ثبوت موجود نه هو. هن چيو ته اها ڳالهه واضح آهي ته اها منظم مهم پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ دشمن ملڪن پاران شروع ڪئي وئي جنهن جو مقصد حقيقتن کي مسخ ڪرڻ ۽ پاڪستان جي خلاف بي بنياد تاثر قائم ڪرڻ هو. اسرائيل ۽ ڀارت ۾ اها مهم سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پڻ جاري رهي جيڪا انتهائي افسوسناڪ آهي ڇو ته پاڪستان سدائين دهشتگردي جي خلاف فرنٽ لائين تي رهيو آهي ۽ هن ان جنگ ۾ بي پناهه جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اڄ به دهشتگردن جي خلاف مسلسل ڪارروائي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سڊني واقعو بلڪل انهي ڏينهن پيش آيو جڏهن اسان 16 ڊسمبر جي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيد ٻارن کي ياد ڪري رهيا هئاسين، انهي ڏينهن دهشتگردن آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي حملو ڪيو هو جنهن جي نتيجي ۾ معصوم ٻارن سميت قيمتي جانين جو نقصان ٿيو ۽ اهو سانحو اڄ به پوري قوم جي دلين تي نقش آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن جي ٻارن به دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ قربانيون ڏنيون آهن. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اهڙن واقعن تي جڏهن اسان پنهنجي شهيدن کي ياد ڪري رهيا هئاسين پاڪستان جي خلاف هڪ ڪوڙي ۽ بدنيتي تي ٻڌل مهم هلائي وئي. هن وڌيڪ چيو ته ان ڳالهه جا ڪي به ثبوت يا معتبر ذريعا موجود نه هئا ته حملي آورن مان ڪنهن جو تعلق پاڪستان سان هو ۽ اها مهم گمراهه ڪندڙ معلومات تي ٻڌل هئي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته دنيا جا انتهائي معتبر ميڊيا ادارا به ان گمراهه ڪندڙ مهم جو شڪار ٿيا. اهڙا نيوز ادارا جيڪي عالمي سطح تي ڪم ڪن ٿا، انهن وٽ ايڊيٽوريل بورڊ، معلومات جي تصديق جو نظام موجود هوندو آهي جنهن جي ذريعي معلومات جي ڇنڊڇاڻ ۽ ايڊيٽوريل ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو، ان جي باوجود اهي ميڊيا ادارا صحافت جي بنيادي اصولن تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. وفاقي وزير چيو ته ڀارت جي پوليس ڪالهه هڪ پريس ريليز جاري ڪئي جنهن ۾ واضح ڪيو ويو ته حملي آور تلنگانه حيدرآباد سان تعلق رکي ٿو ۽ ڪجهه ئي لمحن ۾ تصديق ٿي وئي هئي ته ان جو پاسپورٽ ڀارتي سفارتخاني سڊني مان جاري ٿيو هو ۽ هن انهي ڀارتي پاسپورٽ تي فلپائن جو سفر پڻ ڪيو جنهن جي فلپائن جي عملدارن تصديق ڪئي. وفاقي وزير چيو ته اهم مهم انتهائي افسوسناڪ آهي. ان موقعي تي هن هڪ وڊيو پڻ ميڊيا کي ڏيکاري جنهن ۾ ڏيکاريو ويو ته اها مهم ڪهڙي طريقي سان هلائي وئي ۽ ڪهڙا ميڊيا ادارا ان ۾ شامل هئا. هن چيو ته اها هڪ منظم مهم هئي جيڪا تمام تيزي سان پکڙي. نه ڪو ايڊيٽوريل بورڊ، نه ڪا انتظاميا ۽ نه ئي ڪو رپورٽر اهو پڇي سگهيو ته اها معلومات ڪٿان اچي رهي آهي، هڪ نيوز اداري بنا ڪنهن ثبوت جي دعويٰ ڪري ڇڏي ته ٻئي حملي آور لاهور، پاڪستان سان تعلق رکن ٿا. هن چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته دهشتگردي جي واقعي جي خبرن ۾ دعويٰ ڪئي وڃي ته حملي آور ڪنهن مخصوص ملڪ يا علائقي سان تعلق رکي ٿو جڏهن ته ان دعويٰ جا ڪي به تصديق ٿيل دليل يا ثبوت موجود نه هجن. اها ڳالهه دهشتگردي جو شڪار هجڻ جي ناطي اسان کي انتهائي مايوس ڪري ٿي. پاڪستان سدائين ۽ هر صورت ۾ دهشتگردي جي هر شڪل ۽ هر مظهر جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ۽ ڪندو رهندو. وفاقي وزير چيو ته اسان فوري ردعمل نه ڏنو ڇو ته هڪ ذميوار رياست جي حيثيت سان اڳ ۾ معلومات جي تصديق ڪرڻ ضروري هئي. هن چيو ته ڀارتي حڪومت کي ڪيئن معلوم نه هو ته اهي ماڻهو ڀارت سان تعلق رکن ٿا، انهن وٽ ڀارتي پاسپورٽ هو ۽ اهي ڀارتي شهري هئا. هن چيو ته هر ملڪ وٽ قومي ڊيٽابيس هوندي اهي، چهري جي سڃاڻپ جي ذريعي اهو آساني سان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته ڪير ڪهڙي ملڪ سان تعلق رکي ٿو. ريٽينا اسڪين، فنگر پرنٽس، چهري جي سڃاڻپ سميت جديد ٽيڪنالاجي جي موجودگي جي باوجود ڪنهن به ڊيٽابيس سان اهو واضح ٿي وڃڻ گهرجي ها ته اهي ماڻهو ڪهڙي ملڪ جا آهن. هن چيو ته اها مهم هلائي وئي ته هڪ حملي آور جو والد پاڪستاني شهري آهي، رڳو ان بنياد تي ته ان جو نالو هڪ مخصوص علائقي ۾ عام آهي، نالو هجڻ ڪنهن ملڪ تي الزام هڻڻ جي لاءِ ڪافي نه آهي. هن سڊني واقعي جي جاچ دوران آسٽريلوي عملدارن جي پيشيواراڻي رويي کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته ڪجهه ميڊيا ادارن بنا تصديق جي پاڪستان تي الزام نه هنيا ۽ معلومات جي تصديق جو انتظار ڪيو، هاڻي واضح ٿي چڪو آهي ته حملي آور ڀارت سان تعلق رکندو هو، ڀارت مان هجرت ڪري آيو، ان وٽ ڀارتي پاسپورٽ هو ۽ انهي پاسپورٽ تي سفر ڪيو جڏهن ته ڀارتي سفارتخاني، سڊني اهو پاسپورٽ جاري ڪيو هو. وفاقي وزير سوال ڪيو ته پاڪستان کي انهن جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي ذريعي پهچندڙ نقصان جو ازالو ڪير ڪندو؟ سڊني واقعي کان اڳ جي پوزيشن تي واپس ڪيئن وڃون؟ ڇا قانوني ڪارروائي ڪرڻ گهرجي؟ ڇا معافي طلب ڪرڻ گهرجي يا رڳو اها پروپئگنڊه تاريخ جو حصو بڻجي ويندي؟ هن چيو ته دنيا جي ٻين حصن ۾ به دهشتگردي جا واقعا ٿيا، ڪئناڊا ۾ هرديپ سنگهه نجر جو قتل هڪ مثال آهي. اسان سرحد پار ٿيندڙ ٽارگيٽيڊ فوتگين جا واقعا به ڏٺا آهن. هن چيو ته سڊني واقعي مان واضح آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي حمايت ڪري ٿو. وفاقي وزير چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ هو پاڻ ڪيترن ئي موقعن تي ثبوتن سان گڏ واضح ڪري چڪا آهن ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن جي پٺيان ڀارتي فنڊنگ ۽ سرپرستي آهي جنهن جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. ان کانسواءِ جڏهن به افغان سرزمين پاڪستان جي اندر حملن جي لاءِ استعمال ٿي آهي، اتي به ڀارتي رابطا سامهون آيا آهن. هن چيو ته افغانستان جي موجوده حڪومت اڄڪلهه ڀارت سان ويجهو رابطو وڌائي رهي آهي، ان جي پٺيان آخر ڪهڙا سبب آهن؟ ڇا انهن جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري تعلق يا گڏيل تعاون جا امڪان موجود آهن جن کي اهي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا؟ هن چيو ته ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. ڀارت نه رڳو پاڪستان ۾ دهشتگردن جي مالي مدد ڪندو رهيو آهي پر بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگرد حملن جي منصوبابندي ۾ پڻ ملوث رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جيڪو پاڻ دهشتگردي جو شڪار اهي ۽ هن جنگ ۾ اسان بيشمار جانين جون قربانيون ڏنيون آهن. اسان جا فوجي، جوان آفيسر، ٻار ، سيڪيورٽي اهلڪار ۽ پوليس سميت هر طبقي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون آهن. اسان ان جنگ کي جاري رکيو آهي ڇو ته اسان جو يقين آهي ته اسان دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. ايترين قربانين کانپوءِ پاڪستان جي خلاف هڪ ڪوڙي مهم هلائڻ واقعي انتهائي افسوسناڪ آهي. وفاقي وزير چيو ته ڀارتي ميڊيا ادارن بنا تصديق جي اهي خبرون نشر ڪيون جڏهن ته انهن جو پنهنجو ملڪ دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي ۽ اسان دهشتگردي جي خلاف وڙهي رهيا آهيون، اهو ئي فرق ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ آهي. ڀارت اڪثر دهشتگردي جي واقعن جي پٺيان رهيو آهي ۽ اسان بار بار ان جا ثبوت پيش ڪندا رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته ڪجهه ميڊيا ادارن معلومات جي تصديق ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هاڻي جڏهن اسان کي معتبر معلومات ۽ ناقابل ترديد ثبوت حاصل ٿي چڪا آهن جن ۾ ڀارتي پوليس جي پريس ريليز، ڀارتي پاسپورٽ ۽ فلپائن جي عملدارن جي تصديق شامل آهي ته حملي آور ڀارتي پاسپورٽ تي فلپائن ويو ته پاڪستان تي هنيل الزامن جي تلافي ڪيئن ڪئي ويندي. ڪٿان چيو وڃي ته معذرت، ائين نه ٿيڻ گهرجي ها؟ وفاقي وزير چيو ته اسان ان معاملي جي حوالي سان انتهائي حساس آهيون ڇو ته اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ جانيون قربان ڪيون آهن. هن چيو ته اسان هر ڏينهن دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي جاري رکي آهي. اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ايندڙ واقعي جي حملي آورن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان سدائين امن جي حق ۾ بيٺل رهيو آهي، پاڪستان سدائين امن کي فروغ ڏيندو ۽ دهشتگردي جي واقعن جي سخت مذمت ڪندو. هن چيو ته ميڊيا کي به گهرجي ته اها معلومات جي تصديق کانسواءِ سوشل ميڊيا ۽ ٽيليويزن جي ذريعي دنيا تائين پهچائي. وفاقي وزير چيو ته هرديپ سنگهه نجر جو قتل ڀارتي رياست جي اصل چهري کي ظاهر ڪري ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير انڊين رياست بهار جي وڏي وزير نتيش ڪمار پاران هڪ مسلمان عورت جو حجاب لاهڻ جي واقعي جو حوالو ڏيندي چيو ته ان واقعي سان ڀارت ۾ انتهاپسندي تي ٻڌل ذهنيت جي عڪاسي ٿئي ٿي. وفاقي وزير چيو ته ڀارت وٽ دنيا کي ڏيکارڻ جي لاءِ مثبت بيانيو يا ڪهاڻي نه آهي پر ڀارت هر قسم جي انتهاپسندي کي فروغ ڏئي رهيو آهي. ڀارت جي حڪومت انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي فروغ ڏيڻ، اقليتن ۽ انهن جي حقن کي دٻائڻ تي يقين رکي ٿي.