اسلام آباد - 17 ڊسمبر (اي پي پي) سينيئر صحافي، اينڪرپرسن ۽ پياس انٽرنيشنل هيومن رائيٽس جي چيئرمين راڻا عمران لطيف چيو آهي ته پاڪستاني عورتن جي ترقي ۽ تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، پياس انٽرنيشنل هيومن رائيٽس عورتن جي مدد جي لاءِ 24/7 هيلپ لائين ڪاميابي سان هلي رهي آهي، اسان تمام جلد هڪ جديد آن لائين پورٽل شروع ڪري رهيا آهيون جيڪو عورتن کي انصاف جي فراهمي …
پاڪستاني عورتن جي ترقي ۽ تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي: راڻا عمران لطيف

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) سينيئر صحافي، اينڪرپرسن ۽ پياس انٽرنيشنل هيومن رائيٽس جي چيئرمين راڻا عمران لطيف چيو آهي ته پاڪستاني عورتن جي ترقي ۽ تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، پياس انٽرنيشنل هيومن رائيٽس عورتن جي مدد جي لاءِ 24/7 هيلپ لائين ڪاميابي سان هلي رهي آهي، اسان تمام جلد هڪ جديد آن لائين پورٽل شروع ڪري رهيا آهيون جيڪو عورتن کي انصاف جي فراهمي ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هو گروئنگ وومين جي اهتمام هيٺ عورتن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. هن معاشري ۾ عورتن جي اهم ڪردار کي ساراهيو ۽ ڊيجيٽل دور جي گهرجن موجب انساني حقن جي تحفظ جي نئين قدمن تي پڻ روشني وڌي. راڻا عمران لطيف سائبر ڪرائيم جي شعبي ۾ بهتري جي گنجائش جي نشاندهي ڪندي مثبت تجويزون پيش ڪيون. هن چيو ته سائبر ڪرائيم جي اداري کي وڌيڪ سگهه ڏئي ۽ ان کي جديد وسيلن سان ليس ڪري اسان پنهنجي شهرين خاص طور تي عورتن کي هڪ محفوظ ڊيجيٽل ماحول فراهم ڪري سگهون ٿا. سندس چوڻ هو ته انتظامي ڍانچي جي بهتري سان عوامي شڪايتن جي ازالي ۾ تيزي ايندي. هن ترقي يافته ملڪن جو مثال ڏيندي چيو ته اسان کي پنهنجي عورتن کي مردن سان گڏ ڪم ڪرڻ جا ڀرپور موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن ته جيئن ملڪ ترقي ڪري سگهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سندس تنظيم انساني حقن جي پاسداري ۽ عورتن جي شڪايتن جي فوري حل جي لاءِ حڪومت ۽ ادارن سان گڏجي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندي رهندي.











