سون جي قيمت ۾ 2 هزار 700 روپين جي اضافو

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2 هزار 700 روپين جي اضافي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 53 هزار 562 روپيا ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 2700 روپين جي اضافي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 53 هزار 562 رپيا ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام …

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2 هزار 700 روپين جي اضافي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 53 هزار 562 روپيا ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 2700 روپين جي اضافي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 53 هزار 562 رپيا ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2315 روپيا اضافي کانپوءِ 3 لک 86 هزار 541 روپين مان وڌي 3 لک 88 هزار 856 روپيا ٿي وئي جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 54 هزار 342 روپين مان وڌي 3 لک 56 هزار 464 روپيا ٿي وئي، آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چاندي جي قيمت 290 روپيا اضافي کانپوءِ 6822 روپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 248 روپين جي اضافي کانپوءِ 5848 روپيا ٿي وئي، ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4385 ڊالرن کان وڌي 4312 ڊالر ٿي وئي.