اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي ۾ 16 ڊسمبر جي حوالي سان اھم سمپوزيم منعقد ڪيو ويو. سمپوزيم جو موضوع Perspective; Debunking the Myths of creation of Bangladesh ھو. تقريب ۾ اڳوڻي سينيٽر جاويد جبار، عبدالله گل ۽ اڳوڻي سفير افر اسياب مھدي خطاب ڪيو، شرڪت ڪندڙن کي بنگلاديش جي تخليق بابت حقيقتن تي ٻڌل تفصيلي ڊاڪيومينٽري ڏيکاري وئي. خطاب ڪندڙن 1971ع جي حوالي سان …
نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي ۾ 16 ڊسمبر جي حوالي سان سمپوزيم منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي ۾ 16 ڊسمبر جي حوالي سان اھم سمپوزيم منعقد ڪيو ويو. سمپوزيم جو موضوع Perspective; Debunking the Myths of creation of Bangladesh ھو. تقريب ۾ اڳوڻي سينيٽر جاويد جبار، عبدالله گل ۽ اڳوڻي سفير افر اسياب مھدي خطاب ڪيو، شرڪت ڪندڙن کي بنگلاديش جي تخليق بابت حقيقتن تي ٻڌل تفصيلي ڊاڪيومينٽري ڏيکاري وئي. خطاب ڪندڙن 1971ع جي حوالي سان ڦھلايل ڪوڙ کي ٺوس حقيقتن جي بنياد تي گمراھه ڪندڙ پروپيگنڊا قرار ڏنو. سينيٽر جاويد جبار خطاب ڪندي چيو ته ڀارت ھميشه پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي آھي. اڳوڻي سفير چيو ته بنگلاديش ۾ تازي تبديلي ٻه قومي نظرئي جي عڪاسي آھي، پاڪستان ۽ بنگلاديش ٻه پاڙيسري ۽ ڀائر اسلامي ملڪ آھن. عبدالله گل چيو ته ٻه قومي نظرئي کي نار بنگال ۾ دٻائڻ وارن کي عبرتناڪ شڪست ٿي چڪي آھي. عبدالله گل چيو ته ان واقعي جي پويان ڀارت جو اصل ھٿ ھو، ڀارت جون دھشتگرداڻيون پاليسيون سڄي دنيا سامھون ظاھر ٿي چڪون آھن.











