پاڪستان حڪومت پاران ڀارتي جھازن لاءِ پنھنجين فضائي حدن جي بندش برقرار رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان حڪومت طرفان ڀارتي جھازن لاءِ پنھنجين فضائي حدن جي بندش برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آھي. سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان جاري ڪيل”نوٽام“ مطابق ڀارتي رجسٽرڊ جھازن تي لاڳو پابندي ۾ وڌيڪ توسيع ڪئي وئي آھي. ان پابندي جي آڙ ۾ نه رڳو ڀارتي ايئر لائنز جي ملڪيت ھيٺ جھاز ايندا، پر اھي سمورا جھاز به شامل ھوندا جيڪي ڀارت جي ڪمپنين جي …

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان حڪومت طرفان ڀارتي جھازن لاءِ پنھنجين فضائي حدن جي بندش برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آھي. سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان جاري ڪيل”نوٽام“ مطابق ڀارتي رجسٽرڊ جھازن تي لاڳو پابندي ۾ وڌيڪ توسيع ڪئي وئي آھي. ان پابندي جي آڙ ۾ نه رڳو ڀارتي ايئر لائنز جي ملڪيت ھيٺ جھاز ايندا، پر اھي سمورا جھاز به شامل ھوندا جيڪي ڀارت جي ڪمپنين جي انتظام ھيٺ آھن يا ليز تي ورتا ويا آھن. اختيارين جو چوڻ آھي ته ڀارتي فوجي اڏامن کي به پاڪستاني حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ھوندي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق، اھا پابندي جيڪا اڳ کان لاڳو ٿيل آھي، ھاڻي 23 جنوري 2026ع تائين برقرار رھندي. ان فيصلي سان ڀارتي ايئر لائنز کي ڊگھا هوائي رستا اختيار ڪرڻا پوندا، جنھن سبب سندن ٻارڻ جي خرچن ۽ سفري وقت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.