وزيراعطم جي خاص مددگار هارون اختر خان جي صدارت ۾ ليٿيئم بيٽري پاليسي بابت اجلاس منعقد

اسلام آباد -17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعتن ۽ پيداوار بابت خاص مدگار هارون اختر خان جي صدارت ۾ ليٿيئم آئن بيٽري پاليسي بابت اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ريلوي ۽ فنانس بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني به شرڪت ڪئي. اجلاس دوران پاڪستان ۾ ليٿيئم آئن بيٽريز جي مقامي پيداوار، مينيوفيڪچرنگ ۽ پاليسي فريم ورڪ تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. هارون اختر خان ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف …

اسلام آباد -17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعتن ۽ پيداوار بابت خاص مدگار هارون اختر خان جي صدارت ۾ ليٿيئم آئن بيٽري پاليسي بابت اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ريلوي ۽ فنانس بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني به شرڪت ڪئي. اجلاس دوران پاڪستان ۾ ليٿيئم آئن بيٽريز جي مقامي پيداوار، مينيوفيڪچرنگ ۽ پاليسي فريم ورڪ تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. هارون اختر خان ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت موجب ليٿيئيم آئن بيٽريز جي مقامي مينيوفيڪچرنگ  کي هٿي وٺائڻ لاءِ جامع پاليسي تيار ڪئي پئي وڃي.  هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ ليٿيئيم  آئن سيلز ۽ ان جا جزا آمدني واپار ڪري مقامي سطح تي اسيمبل ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته نئين پاليسي ذريعي مڪمل مقامي مينيوفيڪچرنگ جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو ته جديد ٽيڪنڪ جي استعمال سان صنعتن کي پاور سيونگ ۽ پيداواري صلاحيت ۾ نمايان  فائدو ٿيندو. هن زور ڀريو ته پاليسي ۾ مقامي مينيوفيڪچرنگ کي هٿي وٺائڻ لاءِ ضروري ۽ موثر قدم شامل ڪيا وڃن. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته واپار واري وزارت موجب ليٿيئم آئن  بيٽريز جي ڪچي مال جي آمدني واپار تي زيرو ٽيڪس جڏهن ته مڪمل بيٽري تي 12 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت بيٽريز جي ٽيسٽنگ، سرٽيفيڪيشن ۽ معيار جي جاچ ۾ صنعت کي سهولت فراهم ڪندي. هارون اختر خان سمورن اسٽيڪ هولڊرز  کي پاليسي جي جوڙجڪ بابت پنهنجي راءِ ۽ تجويزون ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن ليٿيئم آئن بيٽري پاليسي جي تياري لاءِ 3 ورڪنگ گروپس جوڙيندي  هدايت ڏني ته ورڪنگ گروپس جي مشاورت سان پاليسي کي حتمي صورت ڏني وڃي ۽ ٻن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

مزید خبریں