پاڪستان جي ترقياتي مسئلن جو بنيادي سبب سياسي استحڪام، تسلسل ۽ ٻارن تي تسلسل سان گڏ سيڙپڪاري جو فقدان آهي: احسن اقبال

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان جي ترقياتي مسئلن جو بنيادي سبب پاليسيون ۽ خيالن جي گهٽتائي ناهي پر سياسي استحڪام، تسلسل ۽ ٻارن تي مسلسل سيڙپڪاري جو فقدان آهي. گذريل ڏينهن يونيسيف، پائيڊ ۽ پاڪستان حڪومت جي گڏيل سهڪار سان ”شپنگ پاليسي ٿرو ايويڊنس: اسٽرينٿنگ سسٽم فار چلڊرين ان پاڪستان“ جي موضوع تي منعقد …

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان جي ترقياتي مسئلن جو بنيادي سبب پاليسيون ۽ خيالن جي گهٽتائي ناهي پر سياسي استحڪام، تسلسل ۽ ٻارن تي مسلسل سيڙپڪاري جو فقدان آهي. گذريل ڏينهن يونيسيف، پائيڊ ۽ پاڪستان حڪومت جي گڏيل سهڪار سان ”شپنگ پاليسي ٿرو ايويڊنس: اسٽرينٿنگ سسٽم فار چلڊرين ان پاڪستان“ جي موضوع تي منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن  چيو ته رڳو فزيڪل انفراسٽرڪچر با معنيٰ ترقي جي ضمانت نه ٿو بڻجي سگهي. هن چيو ته اوهان جيترو به سرمايو فزيڪل انفراسٽرڪچر  تي لڳائيندا، جيڪڏهن سماجي ۽ معاشي بنياد ڪمزور هجن ته اهو سيمينٽ ۽ اسٽيل کان وڌيڪ حيثيت نه ٿو رکي. احسن اقبال چيو ته قومي ويزن، جن ۾ ويزن 2010 ۽ ويزن 2025ع شامل آهن. رٿابندي ۾ تسلسل کي مرڪزي حيثيت ڏيندا رهيا آهيون، پر سياسي عدم استحڪام سبب ان تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي سياسي تاريخ ۾ ڪنهن به معاشي منصوبي کي تسلسل سان اڳيان نه وڌڻ ڏنو ويو. پروگرام هر ڀيري رد ٿيا ۽ ان سبب گهربل نتيجا حاصل نه ٿي سگهيا. هن موجوده دور کي ملڪ لاءِ فيصلائتو مرحلو قرار ڏيندي چيو ته هي نازڪ نه پر فيصلائتو موڙ آهي. اسان کي طئي ڪرڻو پوندو ته اسان گذريل 78  سالن جون غلطيون ورجائيندا رهنداسين يا ڪو نئون رستو اختيار ڪنداسين.هن پاليسي سازن ۽ عوامي راءِ رکندڙ اڳواڻن تي زور ڀريو ته هو ڪامياب معيشتن جي تجربن مان سِکن.  وفاقي وزير چيو ته بهترين تيار ڪيل پاليسيون به مددگار ماحول کانسواءِ نتيجا نٿيون ڏئي سگهن. هن چيو ته پاليسيون ٻج وانگر آهن، صرف ٻج فصل جي ضمانت ناهي ڏيندو، ان لاءِ درست مٽي، آلاڻ، موسم ۽ استحڪام ضروري آهي، پاڪستان جي ناڪامي اها ئي رهي آهي ته هو اهڙو سازگار ماحول پيدا نه ڪري سگهيو.  عالمي تجربن جو حوالو ڏيندي هن پائيدار ترقي جي چئن ٿنڀن جو ذڪر ڪيو. امن، سياسي استحڪام، ڊگهي مدي وارين پاليسين جو تسلسل ۽ مسلسل سڌارا. هن زور  ڀريندي چيو ته امن ۽ سياسي استحڪام کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي. هن چيو ته پاليسين جو ثمر حاصل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 سال گهربل هوندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن پاليسي کي وچ ۾ روڪيو وڃي ته اهو ٻيهر زيرو کان شروع ٿيندو آهي. هن ڀارت، بنگلاديش، ملائيشيا ۽ سنگاپور جو مثال ڏيندي  چيو ته ڊگهي عرصي تائين مستحڪم حڪمراني اتي معيشتن کي تبديل ڪيو. جڏهن ته هن خبردار ڪيو ته استحڪام سان گڏ سڌارا به اڻٽر آهن. جيڪڏهن مسلسل سڌارا ۽ جديدڪاري نه هجي ته استحڪام رڳو جمود کي مضبوط ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان وٽ خيالن يا فني علم جي گهٽتائي ناهي، عالمي ڊونرز ۽ مشيرن جي تيار ڪيل  بي شمار رپورٽون ان جو ثبوت آهن. هن انساني ترقي تي ڳالهائيندي تعليم ۽ ٻارن جي ڀلائي کي قومي ترجيح بنائڻ تي زور ڀريو. هن 2023ع جي آدمشماري جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته آبادي جي اوسر واري شرح ٻيهر وڌي اٽڪل 2.55 سيڪڙو ساليانو ٿي وئي آهي ۽ هر سال 65 لک کان وڌيڪ ٻار پيدا ٿي رهيا آهن. هن سوال اٿاريو ته  ڇا ملڪ وٽ انهن ٻارن جي تعليم، صحت ۽ ڀلائي لاءِ مناسب وسيلا موجود آهن. هن ٻارن ۾ غذائي کوٽ  تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان گذريل چئن ڏهاڪن کان اٽڪل 40 سيڪڙو جي سطح تي جمود جو شڪار آهي. هن چيو ته ان جو مطلب اهو آهي ته اسان جا 40 سيڪڙو ٻار جسماني طور ڪمزور ۽ ذهني طور تي پوري طرح واڌ ويجهه نه ڪري رهيا آهن.  اهڙي وقت ۾  جتي تخليقي صلاحيت، جدت ۽ دماغي قوت ڪاميابي جو تعين ڪري ٿي، اسان ان حالت ۾ مقابلو نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته صرف استحڪام ۽ پاليسي تسلسل ئي سڌارن جي جٽادار نتيجن تائين پهچائي سگهي ٿو.

مزید خبریں