آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه جي صدارت ۾ آءِ سي ٽي اسڪلز ڪيپيسٽي ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه جي صدارت ۾ آءِ سي ٽي اسڪلز ڪيپيسٽي ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڊجيٽل اسڪلز کي هٿي وٺرائڻ لاءِ صنعت ۽ تعليمي ادارن جي گڏيل رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هواوي جي تعاون سان هن وقت تائين هڪ لک آءِ …

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه جي صدارت ۾ آءِ سي ٽي اسڪلز ڪيپيسٽي ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڊجيٽل اسڪلز کي هٿي وٺرائڻ لاءِ صنعت ۽ تعليمي ادارن جي گڏيل رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هواوي جي تعاون سان هن وقت تائين هڪ لک آءِ سي ٽي ٽريننگز مڪمل ڪيون ويون آهن، آءِ سي ٽي ٽريننگز جو هدف 3 لک مقرر آهي. اجلاس ۾ ڊگري مڪمل ٿيڻ کان اڳ خاص طور تي ڪمپيوٽر سائنس جي شاگردن لاءِ نوڪري سان لاڳاپيل هنر تي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.  شرڪت ڪندڙن طرفان ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز کي نصاب جو هڪ اهم حصو قرار ڏنو ويو. اجلاس ۾ آءِ ٽي سيڪريٽري، آءِ ٽي سيڪريٽري گلگت بلتستان، تعليم واري وزارت، هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ (پي ايس اي بي)، پي ايس ڊي ايف، نسٽ، جي آءِ ڪي آءِ، هوا وي ۽ ٽيوٽاز جي مختلف عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير شزا فاطمه وزيراعظم جي ڊجيٽل نيشن پاڪستان ويزن تحت مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ هنرمند هيومن ريسورس جي تياري تي زور ڀريو ويو.