نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪ-ايران لاڳاپن بابت بين الوزارتي اجلاس

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪ-ايران لاڳاپن بابت بين الوزارتي اجلاس منعقد ٿيو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب اجلاس ۾ مختلف شعبن ۾ موجوده ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو ويو ۽ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ايران سان ترجيحي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي …

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪ-ايران لاڳاپن بابت بين الوزارتي اجلاس منعقد ٿيو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب اجلاس ۾ مختلف شعبن ۾ موجوده ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو ويو ۽ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ايران سان ترجيحي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وزير، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوه، سيڪريٽري پيٽروليم، پرڏيهي معاملن واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں