قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي جي تاجڪ وفد جي آجيان، ثقافت واري وزير جي ملاقات

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان تاجڪستان جي ثقافت واري وزير مطلوبه خون سهتوريان امان زاده ملاقات ڪئي. ٿيل ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي سفارتڪاري ذريعي ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان کان اڳ وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي جمهوريه تاجڪستان جي ثقافت واري وزير جي قيادت ۾ پاڪستان آيل اعليٰ سطحي ثقافتي …

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان تاجڪستان جي ثقافت واري وزير مطلوبه خون سهتوريان امان زاده ملاقات ڪئي. ٿيل ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي سفارتڪاري ذريعي ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان کان اڳ وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي جمهوريه تاجڪستان جي ثقافت واري وزير جي قيادت ۾ پاڪستان آيل اعليٰ سطحي ثقافتي وفد جو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو. تاجڪستان جو ثقافتي وفد پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ پهرين گڏيل ثقافتي ميلي جي سلسلي ۾ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي جنهن جي افتتاحي تقريب خميس ڏينهن ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي. ان ميلي ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي تعاون جي هڪ نئين باب جي شروعات ٿيندي.

مزید خبریں