اسلام آباد - 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ھدايت تي نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) طرفان فلسطين لاءِ وڌيڪ امدادي سامان روانو ڪيو ويو آھي. 100 ٽن سامان تي ٻڌل مجموعي طور 27 ھين امدادي کيپ الخدمت فائونڊيشن جي سھڪار سان فلسطين موڪلي وئي، امدادي سامان گذريل ڏينھن خاص اڏام ذريعي علام اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان روانو ڪيو ويو، جن ۾ ڪمبل، ترپال، ڪپڙا ۽ عورتن …
اين ڊي ايم اي پاران فلسطين لاءِ وڌيڪ امدادي سامان روانو

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ھدايت تي نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) طرفان فلسطين لاءِ وڌيڪ امدادي سامان روانو ڪيو ويو آھي. 100 ٽن سامان تي ٻڌل مجموعي طور 27 ھين امدادي کيپ الخدمت فائونڊيشن جي سھڪار سان فلسطين موڪلي وئي، امدادي سامان گذريل ڏينھن خاص اڏام ذريعي علام اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان روانو ڪيو ويو، جن ۾ ڪمبل، ترپال، ڪپڙا ۽ عورتن لاءِ ضروري سامان جون ڪٽس شامل آھن. سامان جي روانگي واري تقريب جو خاص مھمانن پنجاب جو ناڻي وارو وزير ميان مجتبيٰ شجاع الرحمنٰ ۽ پنجاب جو ھائوسنگ وارو وزير ايم پي اي ميان بلال ياسين سميت اين ڊي ايم اي ۽ پرڏيھي وزارت جا آفيسر ۽ الخدمت فائونڊيشن جا نمائندا به موجود ھئا.











