مٿانهين سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙي ۾ شديد واڌ جو امڪان

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته هلندڙ هفتي دوران مٿانهين سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙي ۾ واڌ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جي اميد آهي، جڏهن ته مٿانهين سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ميداني علائقن ۾ سخت ڪوهيڙو رهڻ جي …

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته هلندڙ هفتي دوران مٿانهين سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙي ۾ واڌ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جي اميد آهي، جڏهن ته مٿانهين سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ميداني علائقن ۾ سخت ڪوهيڙو رهڻ جي اميد آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جهڙالي رهندي. مٿانهين سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جي ميداني ضلعن ۾ سخت ڪوهيڙو ڇانيل رهيو. گذريل ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ کان گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 5، گوپس، قلات، بگروٽ، اسڪردو ۾ ڪاٽو 2 ڊگري سينٽري گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.