صدر آصف علي زرداري پاران باجوڙ ضلعي جي علائقي تانگي ۾ پوليو ويڪسينيشن ٽيم تي حملي جي مذمت

اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باجوڙ ضلعي جي علائقي تانگي ۾ پوليو ويڪسينيشن ٽيم تي حملي جي شديد مذمت ڪندي پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر ڪانسٽيبل ۽ شهري جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته پوري قوم ڪانسٽيبل سجاد احمد جي قرباني کي سلام …

اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باجوڙ ضلعي جي علائقي تانگي ۾ پوليو ويڪسينيشن ٽيم تي حملي جي شديد مذمت ڪندي پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر ڪانسٽيبل ۽ شهري جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته پوري قوم ڪانسٽيبل سجاد احمد جي قرباني کي سلام پيش ڪري ٿي، شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، پوليو جهڙي موذي مرض جي خاتمي جي لاءِ قومي مهم تي حملو انسانيت دشمني جي برابر آهي، پوليو جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم کي ڪنهن به صورت  ۾ ڪمزور نه ٿيڻ ڏنو ويندو، مهم بنا رڪاوٽ جاري رهندي.