اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ظفرالحق حجازي کان وفاقي ٽيڪس محتسب جي عهدي جو حلف ورتو. ظفرالحق حجازي چارٽر اڪائونٽنٽ ۽ انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان جو فيلو ميمبر آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ظفرالحق حجازي کي ٽيڪسيشن، ڪارپوريٽ ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ ريگيوليشن، آڊٽ اوورسائيٽ، مالي نظم ۽ ضبط ۽ مشاورتي خدمتن جي شعبن ۾ چار ڏهاڪن …
صدر آصف علي زرداري ظفرالحق حجازي کان وفاقي ٽيڪس محتسب جي عهدي جو حلف ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ظفرالحق حجازي کان وفاقي ٽيڪس محتسب جي عهدي جو حلف ورتو. ظفرالحق حجازي چارٽر اڪائونٽنٽ ۽ انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان جو فيلو ميمبر آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ظفرالحق حجازي کي ٽيڪسيشن، ڪارپوريٽ ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ ريگيوليشن، آڊٽ اوورسائيٽ، مالي نظم ۽ ضبط ۽ مشاورتي خدمتن جي شعبن ۾ چار ڏهاڪن کان وڌيڪ جو وسيع تجربو حاصل آهي. هو ان کان اڳ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين ۽ آڊٽ اينڊ اينڊ اوورسائيٽ بورڊ آف پاڪستان جي چيئرمين طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. حلف برداري کانپوءِ ظفر حجازي صدر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت لاءِ وفاقي ٽيڪس محتسب جي ڪردار بابت عوامي آگاهي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن محتسب کي شڪايتن جي وقت سر ازالي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي موثر استعمال جي هدايت ڪئي. صدر ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته وفاقي ٽيڪس محتسب جي آفيس متاثر شهرين کي تيز رفتار ۽ بنا معاوضي ريليف فراهم ڪري ۽ سڄي ملڪ ۾ پنهنجي پهچ کي وڌيڪ سگهه ڏي.











