وڌندڙ غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي چٽاڀيٽي برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان کي پنهنجي زرعي ٽيڪنالاجي کي جديد رُخن تي آڻڻو پوندو: راڻا تنوير حسين

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، رفحان ميز پروڊڪٽس ڪمپني لميٽيڊ ۽ ٻين ڌُرين جي وفد سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ جينياني طور تي تبديل ٿيل (جي ايم او) ۽ نان جي ايم او مڪئي بابت پاليسي معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ زرعي پيداوار، روانگي واپار ۽ پاڪستان جي زرعي شعبي …

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، رفحان ميز پروڊڪٽس ڪمپني لميٽيڊ ۽ ٻين ڌُرين جي وفد سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ جينياني طور تي تبديل ٿيل (جي ايم او) ۽ نان جي ايم او مڪئي بابت پاليسي معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ زرعي پيداوار، روانگي واپار ۽ پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جي تبديليءَ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. اجلاس دوران ٻُڌايو ويو ته پاڪستان هن وقت تقريبن 340 ملين آمريڪي ڊالرن جي ماليت جي مڪئي روانگي واپار ڪري رهيو آهي جيڪا عالمي مارڪيٽن ۾ ملڪ جي مضبوط پوزيشن جي عڪاسي ڪري ٿي. جڏهن ته ماهرن آگاهه ڪيو ته جي ايم او مڪئي جي ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ سان في ايڪڙ پيداوار ۾ 15 کان 20 مڻ واڌ ممڪن آهي، جنهن سان زرعي پيداوار، آبادگارن جي آمدني ۽ قومي غذائي تحفظ ۾ نمايان بهتري ايندي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وڌندڙ غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي چٽاڀيٽي برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان کي پنهنجي زرعي ٽيڪنالاجي کي جديد رُخن تي آڻڻو پوندو. هن چيو ته بائيو ٽيڪنالاجي ۽ جي ايم او فصل جي گهٽ پيداوار، موسمياتي دٻاءُ ۽ وسيلن جي کوٽ جهڙن مسئلن جي حل لاءِ جدت تي ٻَڌل اثرائتو حل فراهم ڪن ٿيون. وفاقي وزير چيو ته اها جدت آهي ۽ اسان کي زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ جي ايم او جهڙي جديد ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻو پوندو جڏهن ته سمورا فيصلا پاڪستان جي قانوني ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت ڪيا ويندا. وزارت جي سيڪريٽري اجلاس کي ٻُڌايو ته حڪومت هڪ جامع بائيو ٽيڪنالاجي جي پاليسي متعارف ڪرائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي جيڪا صرف مڪئي تائين محدود ناهي هوندي پر ٻين فصلن کي به گهيريندي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جديد ٽيڪنالاجي جي لاڳو ٿيڻ سان گڏوگڏ سيڙپڪارن، روانگي واپار ڪندڙن ۽ صارفين جي مفادن جو تحفظ به يقيني بڻايو ويندو. سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته هائبرڊ ٽيڪنالاجي به زرعي جدت جي هڪ شڪل آهي ۽ ان سلسلي ۾ هن چانور جو مثال ڏنو. هن چيو ته جيستائين چانور ۾ هائبرڊ ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي وئي ته پاڪستان جي چانور جي روانگي واپار ۾ نمايان واڌ ٿي. ان سان ثابت ٿئي ٿو ته ٽيڪنالاجي کي ذميداريءَ سان اختيار ڪرڻ هاڪاري معاشي نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. وفاقي وزير واضح ڪيو ته جي ايم او فصلن کي اختيار ڪرڻ جو عمل پاڪستان جي بائيو سيفٽي رولز 2005ع تحت سختيءَ سان ڪيو ويندو، جيڪو جينياني طور تي تبديل ٿيل جاندارن ۽ ان جي مصنوعات جي حوالي سان انساني صحت ۽ ماحول جي تحفظ لاءِ خطرن جي تجزيي ۽ ڪنٽرول تي ٻَڌل آهي. اهي قاعدا جي ايم اوز جي آمدني واپار، روانگي واپار، تحقيق ۽ واپاري استعمال جو احاطو ڪن ٿا. وفاقي وزير چيو ته اسان بائيو سيفٽي رولز 2005ع جي مڪمل پاسداري کي يقيني بنائيندي مرحليوار ۽ منظم انداز ۾ جي ايم او ٽيڪنالاجي جي اجازت ڏيڻ تي غور ڪنداسين. اسان جو مقصد جدت، غذائي تحفظ، روانگي واپار واري چٽاڀيٽي ۽ انساني صحت ۽ ماحول جي تحفظ وچ ۾ توازن قائم رکڻ آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ڌُرين سان صلاح مشوري جو عمل جاري رکيو ويندو، شاهدين جي بنياد تي فيصلا ڪيا وياندا ۽ هڪ واضح پاليسي فريم جوڙيو ويندو ته جيئن پاڪستان جديد زرعي ٽيڪنالاجي طرف اثرائتي انداز ۾ اڳڀرائي ڪري سگهي ۽ موجوده مارڪيٽن ۽ سيڙپڪاريءَ جي تحفظ کي به يقيني بڻائي سگهجي.

مزید خبریں