پاڪستان فعال اقتصادي سفارتڪاريءَ لاءِ پُرعزم آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته تيزيءَ سان بدلجندڙ ۽ پيچيده عالمي معاشي منظرنامي ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پاڪستان فعال اقتصادي سفارتڪاريءَ لاءِ پُرعزم آهي، برڪس جي فريم ورڪ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا، پيداواري معاشي سرگرمي سان ڳنڍڻ فنانسنگ پاڪستان جي ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي ميڊيا کي …

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته تيزيءَ سان بدلجندڙ ۽ پيچيده عالمي معاشي منظرنامي ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پاڪستان فعال اقتصادي سفارتڪاريءَ لاءِ پُرعزم آهي، برڪس جي فريم ورڪ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا، پيداواري معاشي سرگرمي سان ڳنڍڻ فنانسنگ پاڪستان جي ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي ميڊيا کي ڏنل ٻن ڌار ڌار انٽرويوز ۾ ڪيو. هن چيو ته عالمي ڀائيوارن کي گهرو ڪرڻ، واپار ۽ رابطا ڪاري جي رستن ۾ جدت آڻڻ، پائيداري ۽ سيڙپڪاريءَ تي ٻَڌل اؤسر کي هٿي وٺرائڻ ۽ ملڪ کي اعتماد جوڳو، چٽاڀيٽي ۽ مستقبل سڃاڻپ جي ڀائيواري طور تي پيش ڪرڻ لاءِ پاڪستان فعال اقتصادي سفارتڪاري لاءِ پُرعزم آهي، ته جيئن تيزيءَ سان بدلجندڙ ۽ پيچيده عالمي معاشي منظرنامي ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهون. ناڻي واري وزير پاڪستان جي معاشي ترجيحن، سيڙپڪاريءَ جي امڪانن، علائقائي ۽ عالمي ڀائيوارن سان وڌندڙ رابطن تي روشني وڌي ۽ ڪُلي معيشت جي استحڪام، واپار کي هٿي وٺرائڻ ۽ پائيدار ۽ سيڙپڪاريءَ تي ٻَڌل اؤسر جي حوالي سان حڪومتي ترجيحن ۽ قدمن تي روشني وڌي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ پُراڻا ۽ مضبوط بين الحڪومتي ناتا هاڻ ٺوس معاشي نتيجن جي شڪل اختيار ڪري رهيا آهن، جتي واپار ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ کي اهميت ملي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته آذربائيجان پاڪستان ۾ اٽڪل ٻه ارب ڊالرن تائين سيڙپڪاري جي خواهش جو عوامي طور تي اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ توانائي، تيل، گيس، معدنيات ۽ کاڻين کي سهڪار کي مُک ترجيحي شعبن طور تي ڏٺو ويو آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي منصوبن تي ڳالهيون جاري آهن جنهن ۾ امڪاني آئل پائپ لائن ۾ سيڙپاڪري پڻ شامل آهي، اهي سرگرميون پاڪستان تي سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد جي عڪاس آهي. ناڻي واري وزير چيو ته آذربائيجان طرفان ڪنهن به مالي معاونت يا قرض جي انتظامن کي امداد بدران واپار ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويندو ڇاڪاڻ ته پيداواري معاشي سرگرمي سان ڳنڍڻ فنانسنگ پاڪستان جي ترجيح آهي. هن وضاحت ڪئي ته ان نوعيت جي فنانسنگ جي مختلف شڪليون ٿي سگهن ٿيون، جن ۾ مرڪزي بئنڪ سان رقمن جي مقرري يا منصوبا جاتي بنيادن تي فنانسنگ شامل ٿي سگهي ٿي ته جيئن آذربائيجان جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ سهولتون فراهم ڪري سگهجن. ناڻي واري وزير ڊجيٽل خدمتن، ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل سروس سينٽرز، مصنوعي ذهانت، فن ٽيڪ ۽ سائبر سيڪيورٽيءَ جي شعبن ۾ آذربائيجان جي اڳڀرائيءَ مان سکڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ترتيبوار ڊجيٽل معيشت طرف وڌي رهيو آهي جتي ادائگيءَ جي جديد نظام ۽ ڊجيٽل بنيادي ڍانچي کي هٿي ڏني پئي وڃي. مستقبل ۾ سهڪار جي امڪانن تي ڳالهائيندي وفاقي وزير عالمي واپاري نظام ۾ دٻاءُ جي روشنيءَ ۾ سهڪار جي وڌندڙ اهميت جي نشاندهي ڪئي. هن پاڪستان، وچ ايشيا ۽ آذربائيجان وچ ۾ نوان واپاري ۽ چُرپر جي راهدارين جي ترقيءَ جي صلاحيت ۽ سگهه تي زور ڀريو ۽ چيو ته موجوده ٻه طرفو واپاري ڳاڻيٽو ٻنهي معيشتن جي اصل صلاحيت جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ وسيع واپاري ۽ سيڙپڪاري ايجنڊا جي معاونت لاءِ ضمانتن، آمدني ڪريڊٽ مڪينزم، بئنڪاري رابطن ۽ اسلامي مالياتي اوزارن جهڙن مالياتي ذريعن کي هٿي ڏيڻ نهايت اهم آهي. انٽرويوز ۾ سينيٽر اورنگزيب برڪس تنظيم ۾ شموليت لاءِ پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان پهرين ئي شنگهائي تعاون تنظيم جو فعال ميمبر آهي ۽ برڪس جي فريم ورڪ ۾ به تعميري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن سرحد پار ادائگيءَ جي متبادل نظامن تي جاري عالمي مباحثي جو حوالو ڏيندي چيو ته جيئن جيئن برڪس جي پاڪستان ۾ شموليت اڳتي وڌندي، پاڪستان ان طريقيڪار کي به تلاش ڪندو. سيڙپڪاريءَ لاءِ سهولتڪاريءَ جي حوالي سان ناڻي واري وزير چيو ته ڪُلي معيشت جي استحڪام کي يقيني بنائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ڇاڪاڻ ته سيڙپڪارن جو اعتماد سڌيءَ ريت ڪرنسي جي استحڪام، منافعي جي واپسي ۽ مجموعي معاشي خاطري سان جڙيل آهي. هن ٻُڌايو ته پاڪستان جي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرا ترتيبوار بهتر ٿي رهيا آهن ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا اٽڪل 3 مهينن جي روانگي واپار لاءِ ڪافي آهن، اها سيڙپڪارن جي اعتماد لاءِ بنيادي هاءِ جين آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ خودمختيار ضمانتون ۽ روانگي واپار جي ڪريڊٽ ايجنسين جي معاونت کي منصوبي وار بنياد تي غور هيٺ آڻي سگهجي ٿو. ڊجيٽل اثاثن جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ڊجيٽل ڪرنسين جو جائزو وٺي رهي آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستاني شهرين جو هڪ وڏو انگ ڪرپٽو ڪرنسي بابت سرگرمين ۾ مصروف آهي. هن واضح ڪيو ته حڪومت جو مقصد ان شعبي کي هڪ منظم ۽ ضابطي هيٺ فريم ورڪ ۾ آڻڻ آهي، جنهن لاءِ ورچوئل اثاثا ريگيوليٽري اٿارٽي جي قيام جي حمايت ڪئي پئي وڃي، سرمائي جي وهڪري، تعميل ۽ اينٽي مني لانڊرنگ جي معيارن بابت خطرن جو محتاط انداز ۾ جائزو وٺي رهيا آهيون. ناڻي واري وزير پاڪستان جي معيشت لاءِ انقلابي صلاحيت جي طور تي مصنوعي ذهانت جي اهميت تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته خاص ڪري زراعت، ماليات، صحت ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ مصنوعي ذهانت مان ڀرپور فائدو کڻڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ فري لانسرز مصنوعي ذهانت کي اختيار ڪرڻ سان نمايان طور تي فائدو ٿي سگهي ٿو جنهن سان پيداواري صلاحيت ۽ آمدنيءَ ۾ واڌ ممڪن آهي. هن عوامي ماليات ۽ بجيٽ سازيءَ جي عمل ۾ مصنوعي ذهانت کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان روس جي تجربي مان سِکڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ان ڳالهه کي به تسليم ڪيو ته پاليسي سازي ۽ فيصلي سازيءَ ۾ انساني نگراني جي اهميت برقرار رهندي. علائقائي رابطا ڪاري جي حوالي سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير عالمي معاشي غير يقيني صورتحال دوران مستحڪم واپاري وهڪري جي حمايت لاءِ واپاري راهدارين جي ترقي خاص ڪري عالمي اُتر ڏکڻ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور جي اهميت تي زور ڀريو. هن توانائي، تيل، گيس، معدنيات، کاڻين ۽ صنعتي سهڪار خاص ڪري امڪاني اسٽيل پلانٽ جي قيام کي پاڪستان ۽ روس وچ ۾ سهڪار جو اهم شعبو قرار ڏنو ۽ چيو ته ان معاملن تي وزارتي سطح تي ڳالهيون جاري آهن.

مزید خبریں