اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي ميڊيا طرفان آسٽريليا جي مشهور سياحتي هنڌ بانڊي بيچ تي پيش آيل واقعي کي پاڪستان سان جوڙڻ جون ڪوششون بري طرح ناڪام ٿي ويون. ڀارتي خابرو اداري دي پرنٽ جي رپورٽ، حقيقتون منظر عام تي آڻي پاڪستان خلاف هلايل منظم مهم کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق بانڊي بيچ واقعي ۾ ملوث شخص ساجد اڪرم جو پاڪستان سان واسطو ثابت …
ڀارتي ميڊيا جو پاڪستان مخالف پروپيگنڊا بي نقاب

مزید خبریں
اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي ميڊيا طرفان آسٽريليا جي مشهور سياحتي هنڌ بانڊي بيچ تي پيش آيل واقعي کي پاڪستان سان جوڙڻ جون ڪوششون بري طرح ناڪام ٿي ويون. ڀارتي خابرو اداري دي پرنٽ جي رپورٽ، حقيقتون منظر عام تي آڻي پاڪستان خلاف هلايل منظم مهم کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق بانڊي بيچ واقعي ۾ ملوث شخص ساجد اڪرم جو پاڪستان سان واسطو ثابت نه ٿي سگهيو. رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ساجد اڪرم 1998ع ۾ ڀارت کان آسٽريليا منتقل ٿيو هو ۽ سندس تعلق حيدرآباد، تلنگانه سان هو. ڀارتي ميڊيا جي ابتڙ رپورٽ ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته ساجد اڪرم جي پاڪستاني هجڻ جو ڪو به ثبوت موجود ناهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته واقعي ۾ مارجي ويل ساجد اڪرم ڀارتي ڄائو هو جڏهن ته سندس پٽ نويد اڪرم پيدائشي طور تي آسٽريلوي شهري نڪتو. ان باوجود ڀارتي ۽ اسرائيلي ميڊيا، نالو سامهون ايندي ئي بنا ڪنهن تصديق جي پاڪستان تي الزام لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ حقيقت جي ابتڙ پروپيگنڊا مهم هلائي وئي. آسٽريلوي اختيارين ان واقعي بابت تفصيل ڀارت کان طلب ڪيا، جڏهن ته پاڪستان کان ڪنهن قسم جو تعلق يا رابطي جو ڪو ذڪر نه ڪيو ويو. رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڀارتي ميڊيا طرفان جعلي سوشل ميڊيا پروفائلز ذريعي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا بعد ۾ بي نقاب ٿي وئي. بانڊي بيچ واقعو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي ميڊيا جي فالس فليگ بياني ۽ ڪوڙن الزامن جي حقيقت کي بيان ڪري ٿو.











