انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 01 پئسي جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 280 روپيا 30 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 74 رپيا 71 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار …

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 01 پئسي جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 280 روپيا 30 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 74 رپيا 71 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو اگهه 743 رپيا 50 پئسا رهيو. ساڳي طرح عمان جي ريال جو انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اگهه 728 رپيا 04 پئسا رهيو، ڪويت جي دينار جو 914 رپيا 19 پئسا ۽ قطر جي ريال جي قيمت 76 رپيا 69 رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 281 رپيا ۽ وڪرو 283 رپيا 25 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.

مزید خبریں