اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سينيئر سياستدان ميان منظور احمد وٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ميان منظور احمد وٽو پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر، پنجاب جي وڏي وزير، وفاقي وزير سميت مختلف اهم سياسي ذميوارين ۾ عوامي خدمت ۽ قومي ترقي جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون …
صدر پاران سينيئر سياستدان ميان منظور احمد وٽو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سينيئر سياستدان ميان منظور احمد وٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ميان منظور احمد وٽو پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر، پنجاب جي وڏي وزير، وفاقي وزير سميت مختلف اهم سياسي ذميوارين ۾ عوامي خدمت ۽ قومي ترقي جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته مرحوم بطور سينيئر سياستدان جمهوري ادارن جي استحڪام ۽ علائقائي مسئلن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، مرحوم جي ڏاهپ، قيادت ۽ قومي يڪجهتي جي لاءِ خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.











