اسلام آباد - 16 ڊسمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي، ته اڄ کان 11 سال اڳ 16 ڊسمبر 2014ع تي علم جي دشمنن پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪري ظلم ۽ ڏاڍ جي انتها ڪري ڇڏي هئي، ان افسوسناڪ ڏينهن دهشتگردن اسان جي ٻارن ۽ قوم جي مستقبل تي حملو ڪيو. هن چيو ته معصوم ٻارن تي حملو …
علم دشمنن پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪري ظلم ۽ ڏاڍ جي انتها ڪئي: سينيٽر روبينه خالد

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي، ته اڄ کان 11 سال اڳ 16 ڊسمبر 2014ع تي علم جي دشمنن پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪري ظلم ۽ ڏاڍ جي انتها ڪري ڇڏي هئي، ان افسوسناڪ ڏينهن دهشتگردن اسان جي ٻارن ۽ قوم جي مستقبل تي حملو ڪيو. هن چيو ته معصوم ٻارن تي حملو ڪُڌو ۽ انسانيت کي ڏکوئيندڙ ڏوهه آهي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته اهو هڪ ڏکوئيندڙ واقعو هو جنهن جي ياد اسان جي دلين کي جهوري ڇڏيو آهي. اي پي ايس سانحي جهڙا واقعا دهشتگردن ۽ خارجين جو اصل چهرو بي نقاب ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردن کي ڪڏهن به پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. اي پي ايس سانحي اسان کي دهشتگردي خلاف متحد قوم ڪري ڇڏيو، پوري قوم اسان جي ٻارن ۽ استادن جي بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته اسان جون همدرديون شهيدن جي وارثن سان گڏ آهن، اهو ڏينهن اسان کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي قوم جي عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو. اسان جي سيڪيورٽي فورسز انهن بزدل دهشتگردن خلاف فولادي ديوار بڻجي بيٺل آهي.











