اسلام آباد - 16 ڊسمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي يا تباهي ۾ صحت بنيادي عنصر آهي، انفرادي ڀلائي قومي بقا سان جڙيل آهي، جيڪڏهن قوم کي صحتمند نه رکيو ويو ته ملڪ جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويندو. انهن خيالن جو اظهار هن انٽرنل مسٽيريل هيلٿ اينڊ پاپوليشن ڪائونسل ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن …
ڪنهن به ملڪ جي ترقي يا تباهي ۾ صحت بنيادي عنصر آهي: وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي يا تباهي ۾ صحت بنيادي عنصر آهي، انفرادي ڀلائي قومي بقا سان جڙيل آهي، جيڪڏهن قوم کي صحتمند نه رکيو ويو ته ملڪ جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويندو. انهن خيالن جو اظهار هن انٽرنل مسٽيريل هيلٿ اينڊ پاپوليشن ڪائونسل ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان سيشن جا ڊگهي عرصي وارا اثر پوندا، ڪنهن به ملڪ جي ترقي يا تباهي ۾ صحت بنيادي عنصر جي حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته انفرادي ڀلائي قومي بقا سان جڙيل آهي. جيڪڏهن قوم کي صحتمند نه رکيو ويو ته ملڪ جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويندو. هن چيو ته صدي جي امتحان طور ڪووڊ جو مثال اسان جي آڏو آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته هڪ ئي بيماري عالمي طاقتن کي به مفلوج بڻائي ڇڏيو. اڄ تائين دنيا ان تباهي جي اثرن مان مڪمل طور نه نڪري سگهي آهي.











