وزيراعظم پاران آرمي پبلڪ اسڪول پشاور واقعي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آرمي پبلڪ اسڪول پشاور واقعي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اهو ڏکوئيندڙ واقعو سڄي قوم جي لاءِ عظيم آزمائش هئي، اي پي ايس جي معصوم ٻارن، استادن ۽ عملي جون قربانيون اسان جي قومي يادداشت جو حصو آهن، پاڪستان جي سرزمين تان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ئي ان واقعي جو حقيقي انصاف آهي، …

اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آرمي پبلڪ اسڪول پشاور واقعي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اهو ڏکوئيندڙ واقعو سڄي قوم جي لاءِ عظيم آزمائش هئي، اي پي ايس جي معصوم ٻارن، استادن ۽ عملي جون قربانيون اسان جي قومي يادداشت جو حصو آهن، پاڪستان جي سرزمين تان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ئي ان واقعي جو حقيقي انصاف آهي، رياست، سيڪيورٽي ادارا ۽ عوام متحد ٿي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهن، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين سُک سان ويهنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران آرمي پبلڪ اسڪول (اي پي ايس) پشاور واقعي جي ورسيءَ جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته واقعي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو، جن ملڪ جي مستقبل جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، اهو ڏکوئيندڙ واقعو سڄي قوم جي لاءِ عظيم آزمائش هئي، جنهن اسان جي دلين کي ڏک سان ڀري ڇڏيو پر اسان جا حوصلا ڪمزور نه ڪري سگهيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اي پي ايس جا معصوم ٻارن، استادن ۽ عملي جون قربانيون سدائين اسان جي قومي يادداشت جو حصو آهن ۽ پاڪستان جي سرزمين تان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ئي ان واقعي جو حقيقي انصاف آهي. سموري قوم شهيدن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ اسان انهن جي صبر ۽ حوصلي کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اڄ جڏهن پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ملڪ جي مختلف حصن ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي ته اي پي ايس سانحو اسان جي ان حقيقت جي خاطري ڪرائي ٿو ته دهشتگردي جي خلاف اسان جي جدوجهد اڃا ختم ناهي ٿي، رياست، سيڪيورٽي ادارا ۽ عوام متحد ٿي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ اسان ان وچن کي ورجايُون ٿا ته دهشتگردي جي خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي تحت پوري قوت سان ڀرپور ڪارروايون جاري رکيون وينديون ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين سُک سان نه ويهنداسين. پاڪستان جي روشن مستقبل جي لاءِ ڏنل اهي عظيم قربانيون هرگز ضايع نه وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ دهشتگردي جي خلاف ان جنگ جي سمورن شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.

مزید خبریں