اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي سانحي جي شهيد معصوم ٻارن، استادن ۽ عملي جون قربانيون سدائين اسان جي قومي شعور ۾ نقش رهنديون. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اسان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، انهن جون قربانيون …
اي پي ايس پشاور سانحي جي شهيدن جون قربانيون سدائين اسان جي قومي شعور ۾ نقش رهنديون: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي سانحي جي شهيد معصوم ٻارن، استادن ۽ عملي جون قربانيون سدائين اسان جي قومي شعور ۾ نقش رهنديون. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اسان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، انهن جون قربانيون اسان کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد ٿي پنهنجي گڏيل ذميواري ادا ڪرڻ جي مسلسل خاطري ڪرائين ٿيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي عزم ۾ سدائين متحد، مضبوط ۽ اڻٿڪ رهندي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ انهن جي پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.











