اي پي ايس جي معصوم ٻارن جي قرباني کي قوم ڪڏهن به نه وساري سگهندي: توانائي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد -16 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي بابت وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري چيو آهي، ته  اي پي ايس جي معصوم ٻارن جي قرباني کي قوم ڪڏهن به نه وساريندي، اي پي ايس جي سهيدن قوم کي دهشتگردي خلاف  متحد ڪيو ۽ قرباني جو درست ڏنو. گذريل ڏينهن اي پي ايس جي شهيدن جي ورسي جي موقعي تي جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته 16 ڊسمبر 2014ع …

اسلام آباد -16 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي بابت وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري چيو آهي، ته  اي پي ايس جي معصوم ٻارن جي قرباني کي قوم ڪڏهن به نه وساريندي، اي پي ايس جي سهيدن قوم کي دهشتگردي خلاف  متحد ڪيو ۽ قرباني جو درست ڏنو. گذريل ڏينهن اي پي ايس جي شهيدن جي ورسي جي موقعي تي جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته 16 ڊسمبر 2014ع ملڪ جي تاريخ جو ڪارو ڏهاڙو هو، اي پي ايس جي معصوم ٻارن جي قرباني کي قوم ڪڏهن به نه وساريندي، معصوم ٻارن تي ٿيل حملي جي ياد اڄ به قوم کي سوڳوار بڻائي ڇڏي ٿي. وفاقي وزير چيو ته متاثر خاندانن جي صبر کي سلام پيش ڪيون ٿا. اي پي ايس جي شهيدن قوم کي دهشتگردي خلاف متحد ڪيو ۽ قرباني جو درس ڏنو. هن چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جو قومي عزم اڄ به اڳ کان وڌيڪ مضبوط آهي. رياست جي امن کي نقصان پهچائيندڙن لاءِ ڪا به گنجائش ناهي، دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان شرپسند عنصرن جي عزمن کي ناڪام بڻائيندو رهندو. اي پي ايس جي ياد دهشتگردي خلاف قومي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿي.

مزید خبریں