اي ٽي پي ۽ ڊبليو ٽي اي پاران گڏيل طور 1000 ايونٽس ۾ هڪ جيتري انعامي رقم ڏيڻ جو وڏو اعلان

لنڊن -02 آڪٽوبر (اي پي پي) ٽينس ۾ وڏي اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، ان سلسلي ۾ سمورن 1000 ايونٽس ۾ مرد ۽ عورت رانديگرن کي برابر انعامي رقم ملندي. پرڏيهي ميڊيا موجب وومينز ٽينس ايسوسي ايشن اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ سال کان مردن ۽ عورتن جي گڏيل سمورن 1000 درجي جي ٽينس ايونٽس ۾ ٻنهي اي ٽي پي ۽ ڊبليو ٽي اي جي ڪامياب رانديگرن کي برابر انعامي …

لنڊن -02 آڪٽوبر (اي پي پي) ٽينس ۾ وڏي اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، ان سلسلي ۾ سمورن 1000 ايونٽس ۾ مرد ۽ عورت رانديگرن کي برابر انعامي رقم ملندي. پرڏيهي ميڊيا موجب وومينز ٽينس ايسوسي ايشن اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ سال کان مردن ۽ عورتن جي گڏيل سمورن 1000 درجي جي ٽينس ايونٽس ۾ ٻنهي اي ٽي پي ۽ ڊبليو ٽي اي جي ڪامياب رانديگرن کي برابر انعامي رقم ڏني ويندي. 1000 درجي جا ٽورنامينٽس گرينڊ سلام کانپوءِ ٽينس جا اعليٰ ترين مقابلا تصور ڪيا ويندا آهن. انڊين ويلز ، ڪيليفورنيا ، ميامي ، ميڊرڊ ۽ بيجنگ ۾ ٿيندڙ ايونٽس پهرين ئي مردن ۽ عورتن لاءِ هڪ جيتري انعامي رقم جي پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهن جڏهن  ته 4 ئي گرينڊ سلام ٽورنامينٽس ۾ به انعامي رقمم برابر آهي . اٽالين اوپن، ڪينيڊن اوپن ۽ سنسناٽي اوپن هاڻي ان لسٽ ۾ شامل ٿيندا. اٽلي جي گادي واري هنڌ روم ۾ هلندڙ سال مردن جي مقابلن جي انعامي رقم 7.3 ملين پائونڊ جڏهن ته عورتن لاءِ 6.3 ملين پائونڊ هئي. اٽالين اوپن جي انتظاميا سال 2023ع ۾ 2025 ع کان برابر انعامي رقم ڏيڻ جو اعلان ڪيو هيو جڏهن ته ان واعدي تي عمل نه ٿي سگهيو. وومينز ٽينس ايسوسي ايشن جي چيئر ويليري ڪيميلو چيو ته سمورن گڏيل 1000 درجي جي ٽورنامينٽس ۾ برابر انعامي رقم حاصل ڪرڻ ٽينس لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي . وومينز ٽينس ايسوسي ايشن ٽينس جي ڪلينڊر ۾ به تبديليون ڪيون آهن ته جيئن رانديگرن کي پنهنجي شيڊول جي حوالي سان وڌيڪ آزادي ملي سگهي. عالمي درجا بندي ۾ ٽاپ 50 رانديگرن لاءِ لازمي 500 درجي جي ٽورنامينٽس جو انگ 6 مان گهٽائي 4 ڪيو ويندو. انکان سواءِ رانديگر پنهنجي درجا بندي ۾ هڪ اهل 1000 درجي جي ٽورنامينٽ جي نتيجي کي بهتر ڪارڪردگي جي صورت ۾ 500 يا 250 درجي جي ٽورنامينٽ جي نتيجي ۾ تبديل ڪري سگهندا.