ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن دوران ساليانو بنياد تي 6 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ

اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي ) ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن دوران ساليانو بنياد تي 6 سيڪڙوجو اضافو  رڪارڊ ٿيو آهي. انگن اکرن موجب مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ ملڪ ۾ مجموعي طور 4.11 ملين ٽن جي پيٽروليم مصنوعات وڪرو ٿي جيڪا گذريل مالي سال جي ان مدي جي 3.89 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 6 سيڪڙو وڌيڪ …

اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي ) ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن دوران ساليانو بنياد تي 6 سيڪڙوجو اضافو  رڪارڊ ٿيو آهي. انگن اکرن موجب مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ ملڪ ۾ مجموعي طور 4.11 ملين ٽن جي پيٽروليم مصنوعات وڪرو ٿي جيڪا گذريل مالي سال جي ان مدي جي 3.89 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. سيپٽمبر ۾ پيٽروليم مصنوعات جو وڪرو 1.35 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ ٻه سيڪڙو گهٽ آهي. انگن اکرن موجب پهرين ٽن مهينن ۾ پيٽروليم جو وڪرو 2،05 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان عرصي جي 1.97 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. سيپٽمبر  ۾ پيٽرول جو وڪرو 0.65 ملين ٽن رهيو. اهو آگست جي 0.67 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 2 سيڪڙو وڌيڪ آهي ۽ گذريل سال سيپٽمبر جي 0.68 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 5 سيڪڙو گهٽ آهي. پهرين ٽن مهينن ۾ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو وڪرو 1.57 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان عرصي جي 1.62 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ ٽي سيڪڙو گهٽ آهي سيپٽمبر ۾ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو وڪرو 0.53 ملين ٽن رهيو جيڪو آگست جي 0.42 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو وڌيڪ آهي جڏهن ته گذريل سال سيپٽمبر جي 0.59 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 11 سيڪڙو گهٽ آهي. انگن اکرن موجب پهرين ٽن مهينن ۾ فرنيس آئل جو وڪرو 0.47 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي 0.05 ملين ٽن  جي ڀيٽ ۾ 470 سيڪڙو وڌيڪ آهي. پهرين ٽن مهينن ۾ پاڪستان اسٽيٽ آئل جي پيٽروليم مصنوعات جو وڪرو 1.91 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي 1.63 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ آهي.