اسلام آباد - 02 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته محمد آصف زندهه ۽ خيريت سان آهي ته ڀارتي فوج ضرور ڪنهن بيگناهه ڪشميري کي ماريو آهي جنهن جو لاش برآمد ڪرڻ جي هو دعوى ڪري رهي آهي. وفاقي وزير جمعي ڏينهن سماجي رابطي …
ڀارت کي محمد آصف جي معاملي بابت گهڻيون وضاحتون ڏيڻيون پونديون: عطاءُ الله تارڙ
اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته محمد آصف زندهه ۽ خيريت سان آهي ته ڀارتي فوج ضرور ڪنهن بيگناهه ڪشميري کي ماريو آهي جنهن جو لاش برآمد ڪرڻ جي هو دعوى ڪري رهي آهي. وفاقي وزير جمعي ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ محمد آصف کي پيش ڪيو، ان کانپوءِ ڀارتي ڌر کي ان معاملي تي تمام گهڻيون وضاحتون ڏيڻيون پونديون، اهو ڀارت جي لاءِ انتهائي سطح جي شرمندگي جو سبب آهي. هن چيو ته ڀارتي فوج جعلي مقابلي ۾ ڪنهن بيگناهه شخص کي قتل ڪيو، ان سوال جو جواب ڏيڻ اڃان باقي آهي.












