اسلام آباد -16 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبر پختونخوا جي صدر انجنيئر امير مقام اي پي ايس جي معصوم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته اي پي ايس جي ٻارن جون قربانيون پاڪستان جي تاريخ جو وسارڻ نه جوڳو باب آهي. آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي ورسي جي موقعي تي وفاقي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته معصوم ٻارن …
آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي ورسي، وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پاران شهيدن کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد -16 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبر پختونخوا جي صدر انجنيئر امير مقام اي پي ايس جي معصوم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته اي پي ايس جي ٻارن جون قربانيون پاڪستان جي تاريخ جو وسارڻ نه جوڳو باب آهي. آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي ورسي جي موقعي تي وفاقي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته معصوم ٻارن تي حملو حقيقت ۾ سڄي انسانيت تي حملو هو، جنهن نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو. هن چيو ته قوم اڄ به اي پي ايس جي شهيدن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ سندن ڏک کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. هن چيو ته اي پي ايس جي شهيدن دهشتگردي خلاف قومي عزم کي نئين طاقت ڏني ۽ سڄي قوم کي گڏ ڪري ڇڏيو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جي امن جا دشمن پنهنجي ناپاڪ عزم ۾ ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿي سگهندا. هن چيو ته پاڪستان جي بهادر فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا دهشتگردي خلاف فولادي ديوار وانگر آهن، هن چيو ته اي پي ايس جي شهيدن جون قربانيون اسان کي اتحاد، حوصلي ۽ استقامت جو درست ڏين ٿيون، اهي قربانيون هميشه اسان جي رهنمائي ڪنديون رهنديون. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سندن وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.











