پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ واپاري معاهدي ۾ واڌ، به طرفه واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ نمايان اڳڀرائي

اسلام آباد -16 ڊسمبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي اثرائتين ڪوششن جي نتيجي ۾  پاڪستان جي عالمي اقتصادي لاڳاپن کي هڪ ٻي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، جتي پاڪستان ۽ ازبڪستان ترجيحي واپاري معاهدي ۾ واڌ تي اتفاق ڪيو آهي. ان اڳڀرائي کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفه واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ڏانهن  هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو پيو وڃي.  ٻنهي ملڪن جي …

اسلام آباد -16 ڊسمبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي اثرائتين ڪوششن جي نتيجي ۾  پاڪستان جي عالمي اقتصادي لاڳاپن کي هڪ ٻي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، جتي پاڪستان ۽ ازبڪستان ترجيحي واپاري معاهدي ۾ واڌ تي اتفاق ڪيو آهي. ان اڳڀرائي کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفه واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ڏانهن  هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو پيو وڃي.  ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطحي وفدن وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ ان عزم جو اطهار ڪيو ويو ته ايندڙ ٻن سالن دوران پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ٻه طرفه واپار جو ڳاڻيٽو وڌائي 2 بلين ڊالر تائين آندو ويندو. قيادت جي سطح تي گڏيل معاشي  سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ اقتصادي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.  ملاقات دوران پاڪ ازبڪ واپار ۾ سهولت پيدا ڪرڻ لاءِ ڪسٽمز هم آهنگي، ڊجيٽل ڪنيڪٽويٽي ۽ ريئل ٽائيم ڊيٽا ايڪسچينج جهڙن قدم تي خاص زور ڀريو ويو.  انهن قدمن سان واپاري خرچ ۾ گهٽتائي، تيز رفتار ڪليئرنس ۽ ڪاروباري ماحول ۾ بهتري جي اميد آهي. ازبڪستان طرفان ٽيڪسٽائيل، چمڙي، فارماسيوٽيڪل ۽ سرجيڪل اوزارن جي شعبن کي گڏيل منصوبن ۽ ٽيڪنالاجي ٽرانسفر لاءِ ترجيحي شعبا قرار ڏنو ويو. انهن شعبن ۾ سهڪار سان نه رڳو صنعتي پيداوار  ۾ اضافو ٿيندو پر پاڪستان ۾ روزگار جا نوان موقعا به يپدا ٿيندا. ترجيحي واپاري معاهدي ۾ توسيع سان پاڪستان جي واپاري ڳاڻيٽي ۾ نمايان اضافو ٿيندو ۽ عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيڪ مستحڪم ٿيندو، جنهن جي نتيجي ۾ معيشت تيزي سان ترقي جي نئين بلندين ڏانهن گامزن ٿي سگهندي. ايس آءِ ايف سي جو ڪردار ان پوري عمل ۾ اهم رهيو. جيڪو پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪاري، واپار ۽ اسٽريٽجڪ اقتصادي شراڪتدارين کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل سرگرم آهي. اها اڳڀرائي خطي ۾ پاڪستان جي وڌندڙ معاشي ڪردار ۽ عالمي اقتصادي انضمام جي واضح عڪاس آهي.

مزید خبریں